شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي رحمه الله
تعارف حيات و خدمات
شیخ الھند حضرت مولانا محمود الحسن دیوبندي رحمہ اللہ
پیدائش ۽ تعلیم :
متحدہ ھندستان جو متفق قائد اعظم اسير مالٽا، ۽ باني تحريڪ ريشمي رومال و تحريڪ خلافت، ۽ تحريڪ ترڪ موالات، شيخ الحديث شیخ الھند حضرت مولانا محمود الحسن دیوبندي رحمۃ اللہ علیہ 1268ھ مطابق 1851ء بمقام بریلي ۾ پیدا ٿيو، جتي سندس والد گرامي مولانا ذوالفقار علي دیوبندي ملازمت جي ڪري مقيم هئا،
سندن سلسلہ نسب حضرت سيدنا عثمان غني ذوالنورين سان ملي ٿو، حضرت شيخ الهند ڇهن سالن جي عمر ۾ ابتدائي تعليم شروع ڪيائين، قرآنِ ڪريم میان جي منگلو ۽ میان جي مولوي عبدالطیف وٽ پڙهيائين، فارسي ۽ عربي جا ڪتاب پنھنجي چاچي مولانا مھتاب علي وٽ پڙهيائين،
دارلعلوم دیوبند جي ابتداء ۽ حضرت شيخ الهند جي طالب علمي :
حضرت شیخ الھند جي عمر پندرہ سال هئي ته 15محرم1683ھ 30مئي 1866ء ۾ دیوبند جي شهر ۾ هڪ عربی مدرسو قائم ڪيو ويو، باني دارالعلوم ديوبند حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي جي تجویز سان ملا محمودصاحب کي مدرسہ جو پھريون استاد مقرر ڪيو ويو، دیوبند جي مشهور مسجد ڇته ۾ میں تعلیم جو آغاز ٿيو، حضرت شیخ الھند پهرين شاگرد جي حیثیت سان پنھنجي تاریخ ، علمي زندگي جي ابتداء ڪئي، 1286ھ 1869/ 1870ء ۾ صحاح ستہ ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي وٽ پڙهيائين، مولانا قاسم نانوتوي میرٺ ۽ دهلي سفر ڪندا هئا ته حضرت شیخ الھند به سفر ۾ ساڻن گڏ هوندا هئا، اهڙي طرح سفر و حضر ۾ به تعلیم جو سلسلو جاري رکيائون،
دستار بندي ۽ تدریس:
19 ذوالقعد 1290ء بمطابق 1873ء مدرسہ جي جلسہ ۾ وقت جي اڪابر علماء ڪرام و شیوخ عظام جي موجودگي ۾ دستار بندي ڪيائين، ، ۽ کيس دارالعلوم دیوبند جو مدرس مقرر ڪيو ويو،
مسندِ صدارت :
1305ھ 1888ء ۾ مولانا سید احمد دھلوي صدر مدرس دارالعلوم دیوبند جي استعيفا، ڏيڻ کان بعد حضرت شیخ الھند کي دارالعلوم دیوبند جي منصبِ صدارت تي فائز ڪيو ويو،
آزادي جو پهريون پٿر :
حضرت شیخ الھند برطانوي استعمار کان آزادي جي لاءِ سڀ کان پهرين ميدانِ جھاد ۾ ان وقت قدم رکيو جنهن وقت مڪمل متحده هندستان اگھور ننڊ ستل هو،
انگریز جي محالفت موت کي دعوت ڏيڻ جي مثل هُئي،
1878ع ۾ حضرت شیخ الهند ثمرۃ التربیت جي نالي سان هڪ جماعت جو بنياد رکيو، ۽ منظم طریقہ سان نوجوانن ۾ میں انقلابي روح ڦوڪڻ جو عزم کڻي اٿيا، حضرت مدني فرمائن ٿا ته، شروع شروع ۾ قیاس کان به وڌيڪ مشڪلاتون سامهون آيون تيز طوفانن سان منهن ڏيڻو پيو،
عزيز و رقيب دشمن بڻجي ويا هر شخص ناصح و خیر خواہ بڻجي ڪري رستي جي رڪاوٽ بڻيو، ۽ ڇو نه بڻجي انگریزن ايتري قدر پابنديون مڙهيون هيون جو سياست جي طرف قدم رکڻ 1857ع جهڙن حالتن کي بڻائڻ جهڙو هو، آزادي ۽ انقلاب کي جيڪڏھن ڪوئي خواب ۾ ڏسندو هو ته ڇرڪ ڀري جاڳي پوندو هو، چئني پاسن کان خفیہ پولیس جا ڄار وڇايل هئا، پوءِ ڪهڙي طرح اميد ڪري سگهجي پئي ته ڪوئي شخص ھم خیال ۽ ھم زبان باھم عمل ٿي سگهي ٿو،
بهر حال حضرت شیخ الھند تمام خطرن جي باوجود ضرور سمجهيو، ۽ یر چہ بادا بادمن کشتی در آب اندا ختم چوندي اللہ جو نالو وٺي تيز ڇوليون کائيندڙ سامونڊري ھولناڪ طوفان ۾ ڪهي پيا، ۽ ماڻهن کي هم خيال ۽ رفيقِ سفر بڻائڻ لڳا، وڏن وڏن عالمن ۽ مشائخن کان نا اميد هئا، تنهن ڪري شاگردن ۽ مخلص سمجھدار مریدن کي هم خيال بڻائيندا رهيا،
جمعیت الانصار جو قیام :
1990ع ۾ حضرت شیخ الھند جمعیتہ الانصار قائم ڪئي، مولانا عبیداللہ سنڌي فرمائن ٿا ته 1327ھ ۾ حضرت شیخ الھند، مونکي دیوبند گهرايو فرمایو ۽ تفصيلي حالات ٻڌي ڪري دیوبند ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
چئين سالن تائين جمعیتہ الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس، ان تحریڪ جي تاسیس ۾ مولانا محمد صادق صاحب سنڌي ۽ مولانا ابو محمد صاحب لاھوري ۽ عزیزي مولوي احمد علي مون سان گڏ شريڪ هئا، پوءِ شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم دیوبند کان دهلي منتقل ٿيو،
دارالعلوم دیوبند کي قائم ڪرڻ جو مقصد،
مولانا مناظر احسن گیلاني لکن ٿا ته هڪ ڏينهن مولانا حبیب الرحمان عثماني نائب مھتمم فقیر کي یاد ڪيو ۽ چيائين ته حضرت شيخ الهند سان ملي ڪري معلوم ڪن ته سياست ۾ حضرت شيخ الهند جو صحیح مسلڪ ڪهڙو آهي؟ آءُ حيران آهيان ته ايتري وڏي اهم مسئلي جي متعلق مولانا حبيب الرحمان صاحب مون جهڙي عاجز ماڻهوءَ جي چونڊ ڇو ڪئي؟ ليڪن هاڻي ڇا ڪجي واقعو ڪجھ هن طرح پيش آيو شايد نماز ظهر کانپوءِ مسجد جي احاطي ۾ هڪ ڪمرو هو جنهن کي ان زماني ۾ دارالتصنیف جو نالو ڏنو ويو هو، ان ڪمري ۾ حضرت شیخ الھند رحمتہ اللہ علیہ پنهنجي زندگي جي آخري مشغلي یعني قرآن مجید جي ترجمي جو ڪجھ دير ڪم ڪندا هئا، فقير ته ان احاطي جو ماڻهو هو نماز کان بعد حضرت پنهنجي تصنیف و ترجمي جي ڪمري ۾ ويا اڪيلا هئا، موقعي تي فقير پھچي ڪري عرض رکيو ته ڪجھ عرض ڪرڻو آهي، حضرت شيخ الهند فرمايو ته اچو ڇا ٿا چوڻ چاهيو، پاڻ ويهي رهيا ۽ ۽ جيڪو پيغام مون مٿان سپرد ڪيو ويو هو ان تائين پهچائي ڇڏيو، پاڻ ٻڌندا رهيا، جڏهن مون پنهنجي ڳالھ ختم ڪئي ته حضرت مٿان هڪ خاص حال طاري ھو ۽ پنهنجي استاذ حضرت مولانا محمد قاسم صاحب باني دارالعلوم جن کي حضرت الاستاذ جي لفظ سان ياد ڪندا ھئا انهيءَ جو نالو وٺي فرمایائون ته حضرت الاستاذ هن مدرسہ کي ڇا درس و تدریس تعلیم و تعلم جي لاءِ قائم ڪيو هو؟ مدرسو منهنجي سامهون قائم ٿيو آهي، جيتري قدر آءُ ڄاڻان ٿو 1857ع جي هنگامن جي ناڪامي کانپوءِ هي ادارو قائم ڪيو ويو ته جيئن ڪو اهڙو مرڪز قائم ڪيو وڃي ته جيئن 1857ع جي ناڪامي جي پورائي ڪري سگهجي، ۽ آخر ۾ ارشاد فرمایائون ته تعلیم و تعلم، درس و تدریس جنهن جو مقصد ۽ نصب العین آهي آءُ انهن جي راھ ۾ رڪاوٽ نه آهيان، ليڪن پنھنجي لاءِ ته ان راھ جي مون چونڊ ڪئي آهي، جنھن جي لاءِ دارالعلوم جو هي نظام منهنجي نزديڪ حضرت الاستاذ قائم ڪيو هو، ان کان بعد ٻه واٽون مختلف ٿي ويون، هڪ واٽ تعلیم و تعلم دیني نشرو اشاعت جي هئي ۽ ٻي واٽ اُها آهي جنهن کي بالآخر حضرت شیخ الھند اختیار ڪيو، ۽ انهيءَ مسلڪ تي رهندي پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليا، خيال ايندو آهي ته حضرت شيخ الهند هي به فرمايو هو ته فرضِ الاهي لاءِ جنهن حد تائين ٿي سگهيو ڪيو آهي ۽ هاڻي آخري ڪم آهي اهو ته ڪري رهندس، ۽ انهيءَ ڪم کي ڪري ويا، خاڪسار جيڪو ڪجھ ٻڌو هو اهو ئي انهن ماڻهن تائين پهچائي ڇڏيو جنهن پيغام ڏئي موڪليو هو،
تحریڪ آزادي جا مرڪز هندستان جي آزادي جو سڀ کان وڏو منصوبو تحريڪ ريشمي رومال :
سر سید احمد خان ان وقت مسلمانن جا مصلح اعظم هئا انهن جي تمام تر سرگرمين جو بنیادي نقطو هو ته مسلمانن کي انگریز جي حڪومت تي مڪمل ڀروسو ڪرڻ گهرجي، انگريز حڪومت انهن جي حقن جو تحفظ ڪري سگهي ٿي، سر سید جي خواهش هئي ته مسلمان انگریزن جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل هجن انگريز هندستان مان نه وڃن ۽ غلامي جي اونداهيءَ ۾ آزاديءَ جي روشني جو ڪرڻو به ڏسڻ وٽان نه پيو ملي، حضرت شيخ الهند پهريان سياسي رهنماء هئا جنهن هندستان جي مڪمل آزادي جي لاءِ غور و فڪر ڪري جدوجهد ۽ قربانيءَ لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو، پاڻ خفيہ طور تي مڪمل ڳجهي نموني سرفروشن ۽ مجاهدن دلير بهادر ۽ جانثارن جي هڪ جماعت تيار ڪئي جنهن ۾ هندو مسلمان توڙي سک سڀ شامل هئا، حضرت شيخ الهند پنهنجي گهر جي ويجهو مستقل هڪ گهر مسواڙ تي وٺي ڇڏيو هو جنهن کي ڪوٺي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شيخ الهند پنهنجي محاذن لاءِ هنن هنڌن تي مرڪز قائم ڪيا هئا، جن ۾ دیوبند، دهلي ، ڪراچي ، دین پور شریف، چڪوال، امروٽ شريف شڪارپور، سنڌ وغیرہ وغيره شامل هئا، ۽ هر هنڌ مختلف حضرات جي سربراهي ۾ تحريڪ آزاديءَ لاءِ مجاهدن کان جهاد جي بعيت وٺي رهيا هئا، ۽ ڪافي تعداد ۾ ماڻهون شريڪ ٿي رهيا هئا،
آزاد قبيلن کي جدوجهد جو عملي مرڪز مقرر ڪيو، ۽ هوڏانهن مولانا سیف الرحمن مولانا فضل محمود ۽ مولانا محمود اڪبر کي برطانوي حڪومت مٿان حملي جي لاءِ مجاهدن کي منظم ڪرڻ جو حڪم ڏنو 1914ع جي جنگ عظيم ۾ جڏهن پوري عالم ۽ هندستان جي مسلمانن خلاف انگريزن جو غلبو حد کان وڌي ويو ته حضرت شيخ الهند
پنهنجي سپه سالار حاجي ترنگزئي صاحب کي اطلاع ڏنو ته هاڻي وڌيڪ انتظار ڪرڻ جو وقت ناهي مناسب وقت ڏسي جنگ جو نغارو وڃايو وڃي،
چنانچہ حاجي صاحب جي قیادت ۾ انگریزن جي ڪيمپن مٿان حملو ڪيو ويو ۽ باقاعدہ جنگ شروع ٿي وئي، جنھن ۾ برطانيه کي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، جنگ ۾ وسيلا فراهم ڪرڻ جي لاءِ حضرت شيخ الهند پهريان ئي مختلف ملڪن جي طرف پنهنجا سفير مولانا عبید اللہ سنڌي، مولانا محمد میان منصور انصاري، مولانا سیف الرحمن وغیرہ روانو ڪري ڇڏيا هئا، هي حضرات پنهنجو ويس مَٽائي تڪليفون برداش ڪري پنهنجي مرڪز تي انتهائي ڪاميابي سان سرگرم عمل هئا،
هندستان جي آزادي جو سڀ کان وڏو منصوبو تحريڪ ريشمي رومال
تحريڪ ریشمی رومال هڪ جامع منصوبہ بندي ۽ انقلابي پروگرام هو برٽش سامراج جي خلاف پوري ملڪ ۾ عام بغاوت ڪرائي وڃي، ۽ ملڪ کي فرنگي حڪومت کان آزاد ڪرڻ لاءِ شمالي مغربي سرحدي صوبي کان قبائلي عوام ۽ ترڪ فوج جي ذريعي حملو ڪيو وڃي ۽ ترڪي فوج جي حملہ آور هئڻ جي لاءِ رستي ۾ افغانستان جي حڪومت کي به هموار ڪجي، ان عظيم مقصد جي حاصلات لاءِ 1905ع ۾ ڏھ جامع منصوبه جوڙيا ويا جنهن جي تڪميل 1914ع ٿي، منصوبه هي هئا ته هندو مسلم مڪمل اتحاد ،علماءِ فڪرِ قدیم وجدید تعلیم یافتہ طبقي ۾ اشتراڪ فڪر وعمل ،انقلاب کان بعد عبوري حڪومت جي خاڪي جي ترتیب ،بغاوت جي خفیہ مرڪزن کي قائم ڪرڻ، بيروني ملڪن جي امداد لاءِ مرڪزن کي مقرر ڪرڻ، ترڪي جي حمایت لاءِ ٻين ملڪن سان رابطه ڪرڻ، ٻاهر کان حملن لاءِ رستن جي نشاندهي ڪرڻ، هڪ ئي وقت بغاوت ۽ حملي جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ،
جمعیت علماءِ ھنڌ ۽ حضرت شیخ الھند :
حضرت شیخ الھند اڃان مالٽا جي جيل ۾ قيد هئا ته هندستان جي عالمن سياسي ميدان ۾ منظم طريقي سان لهڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ان لاءِ جمعيت علماء هند نالي پنهنجي الڳ جماعت بڻائي، جنهن ۾ تمام مڪاتب فڪر جا علماء شامل هئا، ۽ سڀني متفقه طور تي حضرت شيخ الهند جي آزادي تائين حضرت شیخ الھند جي شاگردِ رشید مفتي اعظم حضرت مولانا مفتي ڪفایت اللہ دھلوي کي جمعیت جو عارضي صدر ۽ سحبان الهند حضرت مولانا احمد سعید دھلوي کي عارضي ناظم اعليٰ منتخب ڪيو ويو مستقل صدارت جو عهدو حضرت شیخ الھند جي لاءِ خالي رکيو ويو ۽ جيئن حضرت شيخ الهند آزاد ٿي ڪري هندستان پهتا ته جمعیت علماء هند جي صدارت جو عهدو حضرت شیخ الھند جي حوالي ڪيو ويو، جمعیت جو ٻيون ساليانو اجلاس دهلي ۾ سندس صدارت ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي جمعیت جو مستقل صدر منتخب ڪيو ويو ۽ اعلان پڻ ڪيو ويو ليڪن حضرت شیخ الھند ان اجلاس جي هڪ هفتي کان پوءِ دهلي ۾ الله تعاليٰ کي پيارا ٿي ويا،
جمعیت علماء ھند جو بنیاد :
برصغیر ھند و پاڪستان ۾ مسلمانن جي واحد مذهبي ،سیاسي،، حریت پسند، انقلابي جماعت جمعیت علماء ھند جو سنگِ بنیاد 24؍نومبر1919ء بمقام دهلي ۾ علماءِ ڪرام جي هڪ مجلس ۾ رکيو ويو ان ۾ حنفي ،اهل حدیث، دیوبندي ۽ فرنگي محل مڪاتب فڪر جي عالمن کان علاوہ الہٰ آباد، بدایوان وغیرہ جي علمي خاندانن جا بزرگ به شامل هئا، هي اجتماع خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي ان جي پهرين اجلاس مورخہ 23 نومبر 1919ع جي فارغ هئڻ کان بعد ٿيو ھو، مولانا ثناء اللہ امرتسري جي تحریڪ ۽ مولانا امیرالزمان سلام آبادي چاٽ گامي جي تائید سان اجتماع جي صدر مولانا عبدالباري فرنگي محل قرار ڏنو ويو، اولاًجمعیت جي قیام جي ضرورت تي بحث ڪيو ويو، اتفاق راءِ کان بعد جمعیت علماءِ ھند نالو قرار ڏنو ويو جمعیت جي آئین جو مسودو مرتب ڪرڻ جي لاءِ مولانا محمد اڪرم (بنگال ) ۽ مولانا مفتي ڪفایت اللہ دھلوي کي ذميوار قرار ڏنو ويو، مولانا ثناء اللہ امرتسري عارضي صدر ۽ ناظم جي لاءِ مولانا مفتي ڪفایت اللہ ۽ مولانا احمد سعید دھلوي جو نالو پيش ڪيو ويو جيڪو متفقہ طور تي منظور ٿي ويو،
ايندڙ جلسي امرتسر جي لاءِ مولانا ثناء اللہ ۽ مولانا سید محمد دائود غزنوي اراڪينِ جمعیت کي دعوت ڏني جيڪا قبول ڪئي وئي،
جمعیت علماءِ ھند جو باقاعدہ قیام:
28؍ڊسمبر 1919ع بعد نماز عصر امرتسر جي اسلامیہ هائي اسڪول جي وسیع ڪمري ۾ جمعیت علماء هند جو پهريون جلسو منعقد ٿيو، مختلف مڪاتب فڪر ۽ علائقن جي علماء ڪرامن شرڪت فرمائي، ان نشست جي صدر مولانا عبدالباری فرنگي محلي قرار ڏنا ويا، ان اجلاس ۾ جمعیت جي قيام جي ضرورت ۽ اهمیت مٿان روشني وڌي وئي، ان سلسلي ۾ مولانا ثناء اللہ امرتسري، مولانا ابوتراب محمد عبدالحق، مولانا عبدالرزاق، سید جالب ايڊيٽر همدم لکنئو، مولانا مفتي ڪفایت اللہ، غازي محمود، مولوي منیرالزمان، ۽ حڪيم محمد اجمل خان وغیرہ پنھنجي خيالن جو اظهار فرمايو، ان نشست ۾ قواعد و ضوابط جو اجمالي خاڪو پیش ڪيو ويو مستقل سیاسي اصول وضوابط ۽ نظام عمل جي تالیف لاءِ مولانا مفتي ڪفایت اللہ، مولانا ابوالوفا، مولانا محمداڪرم خان، ۽ مولوي منیرالزمان خان تي مشتمل هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، مولانا عبدالباري جي التجاء تي ڪميٽي ۾ حڪیم محمد اجمل خان جي نالي جو به اضافو ڪيو ويو، جمعیت جي اجلاس جي ٻئين نشست30؍ڊسمبر 1919ع ۾ منعقد ٿي ان نشست جا صدر مفتي ڪفایت اللہ ؒ قرار ڏنا ويا، ان اجلاس ۾ سلطان عبدالحمید خان جي نانءُ سان خطبو پڙهڻ ۽ صلح ڪانفرنس ۾ هندستاني مسلمانن کي موڪلڻ جي باري ۾ تجويزون پاس ڪيون ويون،
جمعیت جي صدارت لاءِ حضرت شیخ الھند کان درخواست:
6؍سيپٽمبر 1920ع ۾ جمعیت علماء هند جو هڪ خصوصي اجلاس ڪولڪته ۾ منعقد ٿيو، ان ۾ ٻين تجويزن سان گڏوگڏ هڪ تجويز (نمبر6) هي به هئي ته جمعیت علماء هند جو هي اجلاس هي تجویز ڪري ٿو ته جمعیت جو ايندڙ اجلاس دهلي ۾ منعقد ڪيو وڃي، ۽ ان جي صدارت جي لاءِ شیخ الھند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي کان درخواست ڪئي آهي ته هو منظور فرمائين،
جمعیت علماءِ هند جي مستقل صدارت جو اعلان:
امرتسر جي اجلاس جي ٽين نشست مورخہ پهرين جنوري 1920ع جي تجویز نمبر(1) جي مطابق جمعیت جي سیاسي اصول ۽ قواعد و ضوابط جو مسودو امرتسر جي اجلاس جي روئداد سان گڏ جمعیت جي ناظم (عارضي) مولانا احمد سعید دهلوي شايع ڪري ڇڏيو هو، ۽ اراء جي حصول ۽ غور و فڪر کان بعد جمعیت جي ٻئين اجلاس دهلي ۾ منعقدہ نومبر 1920ع منظوري کان بعد جمعیت جي طرفان شايع ڪيو ويو هو، اجلاسِ دهلي جي منظوري کان بعد جمعیت جي مستقل عهديدار مندرجہ ذیل حضرات قرار ڏنا ويا،
صدر - حضرت شیخ الھند مولانا محمود الحسن دیوبندي،
نائب صدر - حضرت مولانا مفتي ڪفایت اللہ دهلوي،
ناظم - مولانا احمد سعید دهلوي
هر صوبي جو جمعیت جو صدر اعزازي نائب صدر
مولانا عمر دراز بیگ مراد آبادي، مولانا عقیل الرحمن ندوي سھارنپوري معین ناظم
شیخ فضل الرحمن سوداگر دهلي امین (خزانچي)
شيخ الهند جا شاگرد ۽ انهن جون خدمتون
دار العلوم دیوبند ۾ درس و تدريس جي دوران حضرت شيخ الهند جي شاگردن جي تعداد هزارن ۾ آهي سندس ڪافي شاگرد اهڙا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ هڪ انجمن ۽ تحريڪ آهن، پروفیسر ابراھيم موسيٰ ، شیخ الھند کے شاگردن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته شيخ الهند جي مدرسي جي نيٽورڪ ۽ شاگردن کي شهرت حاصل ڪئي هئي، جن جنوبي ايشياء ۾ عوامي زندگي جي بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ مختلف زندگي جي شعبن ۾ جهڙوڪ مذهبي اعليٰ تعليم سياست ۽ ادارن جي تعمير و ترقي ۾ حصو وٺڻ،
(1) حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي جيڪي حڪیم الامت جي نالي سان مشهور و معروف آهن، ٿانوي صاحب تصوف ۾ اعلي مقام رکن ٿا، ۽ سندس لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو اٺن سون کان مٿي آهي،
(2)علامہ انور شاھ ڪشميري علمِ حدیث ۾ اعلي مقام رکن ٿا، دار العلوم دیوبند جا ٻارنهن سال صدر مدرس هئا سندس وفات تي شاعر مشرق علامہ اقبال تعزيتي مجلس منعقد ڪئي ۽ چيائين ته گذريل پنج سئو سالن ۾ علامہ انور شاھ ڪشميري جهڙو عالم پيدا نه ٿيو آهي،
(3) علامہ شبیر احمد عثماني پاڪستان جي بانين منجهان آهن،مولانا عثماني 1920ع ۾ میں جامعہ ملیہ اسلامیہ جي قیام وقت پنهنجي استاذ محمود الحسن دیوبندي جو افتتاحي خطبو پڙهيو ۽ جامعہ جي بانین منجهان آهن،
1944ء کا 1945ء تائين دار العلوم دیوبند جا صدر مھتمم هئا ۽ انھيءَ جمیعت علماء اسلام پاڪستان جو بنياد رکيو،
باني پاڪستان محمد علي جناح جي نمازِ جنازہ بہ مولانا عثماني پڙهائي، عثماني تحریڪ پاڪستان جس سرگرم لیڊر هئا ۽ پاڪستاني آئین ساز اسيمبلي جي رڪنن مان هئا،
(4) عزیز الرحمن عثماني دار العلوم دیوبند جا اولین مفتي آهن، ۽ سندس فتوائون فتاويٰ دارالعلوم دیوبند نالي سان ڏهن جلدن ۾ ڇپجي چڪيون آهن،
(5) محمد الیاس ڪاندھلوي مشھور اصلاحي تحریڪ تبلیغي جماعت شروع ڪيائين،
(6) امام انقلاب مولانا عبید اللہ سنڌي، تحریڪ ريشمي رومال جا سرگرم ڪارڪن ھئا، ۽ شاھ ولي الله جي فلسفه جي تعليم لاءِ جامعہ ملیہ اسلامیہ ۾ بیت الحڪمۃ سینٽر قائم ڪيائين،
(6) مفتي محمد شفیع عثماني دیوبندي پاڪستان جي قیام کان بعد پاڪستان جي مفتي اعظم جي عهدي تي فائز ٿيا ۽ جامعہ دارالعلوم ڪراچي جو بنياد رکيائين،
(7) مولانا مناظر احسن گیلاني، پنهنجي تصنيفن جي ڪري مشهور و معروف هئا،
(8) حافظ محمد احمد دار العلوم دیوبند جا 35 سالن تائين مهتمم رهيا، ۽ رياست حيدرآباد جي مفتي اعظم جي عهدي تي فائز هئا،
(9) حضرت مولانا سيد حسین احمد مدني دارالعلوم ديوبند جو اڳوڻو صدر مدرس ۽ جمعیت علماء ہند جي اڳوڻي صدر هئا، ۽ هندستان جي ٽين وڏي شهري اعزاز پدم بھوشن جي اولین وصول ڪندڙن مان آهن، شیخ الاسلام جي لقب سان مشھور هئا، تقسیم ھند جي مخالفت ۾ " متحدہ قومیت اور اسلام " جي نالي سان مشهور و معروف ڪتاب لکيائون،
(10) فاتح قاديانيت مولانا ثناء اللہ امرتسري بہ تفسیر و حدیث ۾ پنهنجو مقام رکن ٿا مولانا امرتسري تفسير ثنائي جي نالي سان قرآن ڪريم جي مشهور تفسير لکي آهي، ۽
تحریڪ اهل حدیث جي نمایاں ليڊرن ۾ شامل آهن ان سان گڏوگڏ جامعہ ملیہ اسلامیہ ۽ جمعیت علماء ھند جي بانين منجهان آهن
(11) حضرت مولانا احمد علي لاهوري، امام الاولياء ۽ مفسرِ قرآن جي نالي سان مشهور هئا،
(12) مولانا اصغر حسین دیوبندي جنهن کي محدث دار العلوم جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو، مولانا اعظم ڳڙھ ۾ مدرسۃ الاصلاح جو سنگ بنیاد رکيو، تفسير ۽ فقهي ڪتابن کان علاوہ دارالعلوم دیوبند ۾ سنن ابو دائود پڙهائيندا هئا،
(13) مولانا اعزاز علي امروهي شیخ الادب جي نالي سان
معروف هئا ۽ سندس ڪتاب نفحۃ العرب درس نظامي جي نصاب ۾ شامل ڪري پڙهائي ويندي آهي ۽ دارالعلوم دیوبند جا مفتي اعظم رهيا آهن،
(14)حضرت مولانا سید فخر الدین احمد جامعہ قاسمیہ مدرسہ شاهي، مرادآباد جا سابق صدر مدرس، جمعیت علماء هند جا سابق صدر ۽ دار العلوم دیوبند جا شیخ الحدیث هئا،
(15) عبد الرزاق پشاوري، سندس باري ۾ سید محبوب رضوي نے لکي ٿو ته پیشاوري افغانستان ۾ چیف جسٽس هئا ۽ جامعہ ڪابل جا صدر هئا،
(16) مولانا عزیر گل پشاوري، تحريڪ ريشمي رومال جا اهم ڪارڪن هئا ۽ جڏهن تحريڪ جو راز انگريزن آڏو ظاهر ٿيو ته شيخ الهند سان گڏ گرفتار ڪري مالٽا جي جزيري ۾ قيد ڪيو ويو،
(16) مولانا ڪریم بخش سنڀلیان، مولانا ڪريم بخش جا مایہ ناز شاگرد جن ۾ سید فخر الدین احمد، حبیب الرحمٰن الاعظمي ۽ مولانا منظور نعماني مشهور عالم دين آهن،
(17) محمد سھول ڀاگلپوري، ڀاگلپوري دار العلوم دیوبند جا پنجون نمبر مفتي اعظم هئا،
(18) محمد شفیع عثماني دیوبندي پاڪستان جا سابق مفتي اعظم ۽ جامعہ دارالعلوم ڪراچي جي بانين مان آهن،
معارف القرآن نالي سان هڪ مشهور تفسير لکيائون،
(19) حضرت مولانا محمد طیب قاسمي جنهن کي حڪيم الاسلام جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي مولانا قاسمي
دارالعلوم دیوبند جا سابق مھتمم ۽ آل انڊیا مسلم پرسنل لاء بورڊ جي بانين مان آهن،
(20) محمد میان منصور انصاري تحریڪ ریشمي رومال سان وابستہ هئا، انصاري صاحب سیاست مٿان حڪومت الاهي، اساس انقلاب ۽ دستور امامت جهڙا ڪتاب لکيا،
(21) محمد یاسین سرهندي احمد رضا خان بريلوي جي ابتدائي استادن مان هئا، بريلي ۾ اشاعت علوم نالي هڪ مدرسو قائم ڪيائين، خیر المدارس ملتان جي باني خیر محمد جالنڌري به سندس شاگرد هو،
(22) مولانا مناظر احسن گیلاني گیلاني صاحب جامعہ عثمانیہ جي شعبہ دینیات جا سابق صدر پروفیسر هئا، مولانا گيلاني تدوين حديث، مقدمه تدوين فقه، ۽ هندستان ۾ مسلمانون ڪا نظام تعليم و تربيت جهڙا ڪتاب لکيائين،
(23) مولاناعبدالحلیم شاشي قاسمي ھزاروي ڪشمیري،
سفر آخرت :
18ربیع الاول 1339ھ 30 نومبر 1920ع
بروز ڇنڇر قريب ستين وڳي حضرت دنیا کان بلڪل غافل ٿي ويا، تنفس طویل ۽ غیر طبعي ٿي ويو، ۽ انقطاع عن الدنیا وتوجہ الی الرفیق الاعليٰ جو گمان غالب ٿي ويو، کٽ جي چئني پاسن کان حاضرين خاموشي ۽ آهستي آهستي ذڪر الله ۾ مشغول هئا، انهيءَ حالت ۾ حضرت شيخ الهند لافاني ۽ واجب الوجود هستي کي ياد ڪيو جنهن جي نانءُ تي پاڻ کي مٽائي ڇڏيو هو، بلند آواز سان ٽي ڀيرا اللہ اللہ اللہ فرمایو، مولانا مفتي ڪفایت اللہ صاحب سورہ یاسین شروع ڪئي مگر هو جوش گریہ ۽ ادب جي ڪري بلند آواز سان نه پڙهي سگهيا، ان تي مولانا حافظ محمد الیاس صاحب دهلوي پڙهڻ شروع ڪيو ۽ سورہ قریب الختم ٿي ته حضرت خود بخود حرڪت ڪري پنهنجي بدن کي سڌو ۽ درست ڪيائون ۽ هٿن جون آڱريون کولي سڌيون ڪيائين ، ۽ اٺين وڳي جڏهن مولانا صاحب سورۃ جي آخر ۾ پهتا ته حضرت ٿوري اک کولي ۽ تصدیق قلبي جي تائید لاءِ زبان کي حرڪت ڏني، ۽ خاص الیہ ترجعون جي آواز تي قبلہ رخ ٿي ڪري هميشه جي لاءِ اک بند ڪئي ۽ آساني و سهولت سان ساھ منقطع ٿي ويو ۽ روح مقدس روح و ریحان و جنت نعیم جي بھار ڏسڻ لاءِ تمام اهل اسلام کي يتيم ۽ بي سهارو ڪري دنيا کان رخصت ٿي ويا، ۽ رفيق اعليٰ سان وڃي مليا،
اناللہ وانا الیہ راجعون،
امیرامان اللہ خان پاران مشن ِشیخ الهند پورو ڪرڻ جو اعلان :
افغانستان جي بادشاھ امیر امان اللہ خان شیخ الھند جي وفات تي تعزیتي اجلاس سان خطاب ڪندي واعدو ڪيو هو ته مولانا محمود الحسن ديوبندي هڪ ڪم شروع ڪيو هو ۽ ان ڪم کي آءُ منزلِ مقصود تائين پھچائيندس، دراصل هي واعدو هندستان کي انگريزن کان آزاد ڪرائڻ جو واعدو هو انگريز ان کي ڪيئن ٿا برداش ڪن؟ انگريزن سازش ڪري امير امان الله خان کي سلطنت تان برخاست ڪري ڇڏيو،
سنڌيڪار حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري
جزاک اللہ
ReplyDelete