بر صغير جون اسلامي تحريڪون

 برصغير جون اسلامي تحريڪون:

ارڙهين صديءَ جي شروعات تائين اسلامي سلطنتون، سياسي لحاظ کان يورپ جي طاقت جي يلغار، ۽ هٿچراند کان آزاد رهيون، پر انهيءَ صديءَ جي وچ ڌاري اسلامي سلطنتون، تنزل ڏانهن قدم وڌائڻ لڳيون ۽ اوڻيهين صدي ڌاري، مسلمانن جو زوال انتهائي عروج تي پهتو، پر انهيءَ صديءَ ۾ مسلمانن جا بعض ارباب فڪر نڪري ميدان تي نڪري آيا، جن مذهبي ۽ سياسي تحريڪن ذريعي مسلمانن ۾ سڄاڳي پيدا ڪئي، ۽ اسلام جي چڱيءَ طرح اشاعت ڪئي،

(1) شاھ ولي الله جي تحريڪ

شاھ ولي الله رحه سنہ 1703ء ۾ پيدا ٿيو، سندس والد عبد الرحيم هڪ ممتاز عالم دین ۽ صوفي بزرگ هو، ۽ اها  ميراث هن جي پٽ شاھ ولي الله رحه کي ورثي ۾ ملي، شاھ ولي الله جڏهن مدينه ۾ هو ته ان کي بر صغير جي مسلمانن جي مستقبل جي باري ۾ فڪر هو، کيس هڪ باطني مشاھدي ۾ ملت جي مستقبل کي خطرن کان بچائن جو امر ٿيو،هن محسوس ڪيو ته سلطنت جو زوال معاشري تي نظام جي فرسودگي، انهيءَ معاشري ۾ جي اخلاقي تباهي جو نتيجو آهي ان ڪري اخلاقي احياء جي غرض کان ان وقت هڪ تحريڪ جي ضرورت هئي، هندستان ۾ هلندڙ تحريڪن مان سڀ کان پهريون شخص شاھ ولي الله محدث دهلوي رحه هو، جنهن مسلمانن ۾ سياسي ۽ مذهبي سڄاڳي پيدا ڪئي، پاڻ انهيءَ دئور جي پيداوار آهن. جڏهن مغلن جو دئور گوڏا کوڙي رهيو هو، ۽ مسلمان. پنهنجي سياسي زوال سان گڏوگڏ ذهني. علمي ۽ ديني پستيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيا هئا، انهيءَ اونداهي جي دئور ۾، خدا جي مرد مجاهد شاھ ولي الله محدث دهلوي رحه احياء اسلام جي تحريڪ شروع ڪئي، 

شاہ ولي الله حديث، فقه، ۽ تفسير، تي ڪتاب لکيا ، ان ڪتابن ۾ سڀ کان گهڻو مشهور ۽ معروف ڪتاب حجته الله البالغه آهي ۽ شاھ ولي الله جي لکڻين جو پيغام اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي، ۽ پنهنجي لافاني ڪتاب ذريعي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آهي ۽ انهيءَ ضابطه هيٺ، انسان پنهنجي فلاح حاصل ڪري سگهي ٿو، ھن تحريڪ اسلامي تاريخ ۾ نمايان نشان ڇڏيا آهن، هن تحريڪ جي اثر جي ڪري نه فقط هندستان. پر مصر عربستان، ترڪي، ايران، عراق، افغانستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ اسلام  لاءِ چاھ پيدا ٿيو، کيس شعوري احساس، دهليءَ مٿان نادر شاھ جي حملي، مرهٽن سکن جاٽن جي قتل و غارت گري جي ڪري اڃا به وڌيڪ وڌي ويو، شاہ ولي اللہ رحه افغانستان جي حڪمران احمد شاھ ابدالي کي خط لکيو ۽ درخواست ڪيائين ته هو مرهٽن جي ظلم و ستم کان هندستان جي مسلمانن کي نجات ڏياري، ان جي جواب ۾ احمد شاھ ابدالي، 1761ء ۾ پاني پت جي ٽين جنگ ۾ مرهٽن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ان کانپوءِ مرهٽا ڪڏهن پاڻ سنڀالي نه سگهيا، شاھ ولي الله رحه جي هڪ بهترين خدمت قرآن مجيد جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ پڻ آهي، ان ترجمي سان ماڻهن کي قرآن مجيد کي سمجهڻ ۾ گهڻي آساني ٿي،

(2) مجاهدن جي تحريڪ:

مجاهدن جي تحريڪ جي تحريڪ اوڻيهين صديءَ ۾ شروع ٿي جنهن جي قيادت سيد احمد شهيد رحه ڪئي، حقيقت ۾ سيد احمد شهيد رحه جي شاھ ولي الله دهلوي رحہ جي تحريڪ جو ئي هڪ حصو هئي، 1816ء ۾ شاھ صاحب اصلاح ۽ ارشاد جو ڪم ڪيو، شاہ صاحب پنهنجي انقلابي فڪر سان پنهنجي تحريڪ جو بنياد وڌو، ان تحريڪ هندستان کي صحيح مسلم معاشرو فراھم ڪيو ۽ چڱي تعداد ۾ اسلامي عقيدن ذريعي ماڻهن جو اصلاح ڪيو، هي تحريڪ خالص ڪتاب و سنت، دعوت تبليغ و جهاد، مجاهدين جي تحريڪ هئي، هن تحريڪ جو مقصد بدعت ۽ خرافات کي ختم ڪرڻ هيو، خالص توحيد جي تبليغ بدعت ۽ غير اسلامي جو خاتمو سندن مقصد هو، خصوصًا جهاد ۽ غير اسلامي طاقتن سان مهاڏو اٽڪائڻ به شامل هيو، بلا شبه هي جهادي تحريڪ  سان گڏوگڏ هڪ اصلاحي تحريڪ به هئي، سيد احمد شهيد جي هن تحريڪ جو اهم عنصر جهاد في سبيل الله هو، سندن مقصد ان قوتن خلاف جهاد ڪرڻ هو جيڪي اسلام کي نشانو بڻائن پيا، ان دور ۾ سڀ کان وڏو دشمن انگريز سامراج هو، ان لاءِ سڀ کان پهريون هن تحريڪ جو نشانو انگريز سامراج ئي بڻيو، ۽ گڏوگڏ سکن به اسلام دشمنيءَ جو مظاهرو ڪري اسلام ۽ مسلم دشمن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو لکرايو، هر اسلام دشمن هن تحريڪ جو دشمن هو، چاهي پوءِ انگريزن جي صورت ۾ هجي يا سکن جي صورت ۾، هن تحريڪ سکن جي خلاف مهاڏو اٽڪايو، 

پنجاب ۾ سکن مسلمانن کي سندن ديني فرض جي ادائيگيءَ کان روڪيو ويو ۽ ننڍين ننڍين غلطين جي ڪري مسلمانن جي رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويو، ۽ مسلمان عورتن جي بي حرمتي ڪئي وئي، مسلمانن جي انهيءَ حالت کي ڏسي ڪري سيد احمد شهيد جهاد جي فتويٰ ڏني ۽ غازين جي هڪ جماعت تيار ڪري پنهنجي خليفي شاھ اسماعيل شهيد رحه جي نگرانيءَ هيٺ خيبر پختون خواه (پراڻو نالو سرحد) صوبي ۾ پهتا 21 ڊسمبر 1826ء ۾ سکن خلاف جهاد شروع ڪيائون ۽ 1831ء  سکن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو،  ۽ بالا ڪوٽ جي سرزمين هڪ داستان مجاهد و شهداء بالا ڪوٽ وجود ۾ آندي، سيد احمد رحه شهيد ٿي ويو، پر هي تحريڪ بدعت، مشرڪانه رسم و رواج ۽ اسلام دشمنن خلاف جاري رهي، هندستان ۾  هي تحريڪ شروع کان ئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب رهي، ۽ اسلامي هند جي حالاتن ۾ سڌارو آيو، اسلام پسندي جا احساس پيدا ٿيڻ لڳا، مسلمان قوم بيدار ٿيڻ لڳي، سيد احمد شهيد رحه جي هن تحريڪ هندستان جي مسلم معاشري ڪافي اثر ڇڏيا، جنهن سان نئين نسل ۾ اصلاح، دعوت فڪر، مزاحمت، جهاد ۽ آزاديءَ لاءِ روح بيدار ٿيڻ لڳو،

(3) ديوبند تحريڪ:

ديوبند تحريڪ جي شروعات جنگ آزاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ 15 محرم الحرام 1283 هجري 1866 ء ۾ ٿي هن تحريڪ جا اصل محرڪ حضرت مولانا فضل الرحمان رحه حضرت مولانا ذوالفقار علي رحه ۽ حضرت ملا محمود رحه هئا، جن معمولي پگهار تي ڪم ڪيو. انهن کان پوءِ انهيءَ درسگاھ جي علماءِ ڪرام جن ۾  حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي رحه، حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهي رحه، شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه، حڪيم الامت حضرت مولانا اشرف علي ٿانوي رحه، حضرت مولانا انور شاھ ڪشميري رحه، ۽ حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله رحه وغيره جهڙا عالم وقت بوقت سرپرستي ڪندا رهيا، ديوبند عالم اسلام جو هڪ مشهور ديني و علمي مرڪز آهي، برصغير ۾ اسلام جي نشر و اشاعت جو سڀ کان وڏو ادارو آهي، دارالعلوم دیوبند مان هر دور ۾ باڪمال عالم ۽ فاضل تيار ٿي نڪتا آهن، تحريڪ آزاديءَ ۾  سندن ڪردار هڪ روشن باب آهي، دارالعلوم دیوبند تيرهين صديءَ جي هڪ عظيم ديني تعليمي ۽ اصلاحي تحريڪ هئي، 1875 جي جنگ آزادي جي ناڪامي کان پوءِ مسلمانن ۾ خاموشي ڇانئجي وئي جيڪڏهن ان وقت دارالعلوم دیوبند قائم نه ٿي ها ته بر صغير جي مسلمانن جو حال اندلسي وانگر ٿئي ها هن اداري حڪومت کان ڪا امداد نه ورتي، طلباء کي مفت تعليم ڏيڻ کانسواءِ انهن جي رهائش خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪيو، هن اداري جي عالمن تفسير فقه علم الڪلام، سيرت پاڪ، تاريخ، ۽ اسلام جي مختلف پهلوئن تي مختلف ڪتاب لکيا، هي ادارو 150 ورهين کان اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت ڪري رهيو آهي،

(4) تحريڪ ريشمي رومال:

انگريز سامراج خلاف تحريڪ ريشمي رومال سنه 1905 ۽ شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه ۽ ديوبند جي عالمن شروع ڪئي، هن تحريڪ جو مقصد انگريز سامراج جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هو، ان ڪري دنيا جي ٻن قومن کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف بيروني ملڪن جهڙوڪ :جاپان،چين، برما، فرانس آمريڪا، جرمني، ڏانهن وفد موڪليا ويا، اھڙيءَ طرح عالمي راءِ عامه کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسلامي دنيا کي هن تحريڪ کان واقف ڪرائڻ ۽ ان کان مدد وٺڻ لاءِ، شيخ الهند مولانا محمود الحسن, 18 سيپٽمبر 1915ع ۾ حجاز روانو ٿيو. سندس حوالي هي ڪم هو ته هو حجاز جي ذريعي، خلافت عثمانيه ۽ ٻين عرب سربراهن سان لاڳاپو رکي ته جيئن افغانستان، برطانيه حڪومت سان جڏهن جنگ ڪري تڏهن اهي ملڪ به سندس مدد ڪن. شيخ الهند حجاز پهچڻ کانپوءِ، حجاز جي گورنر غالب پاشا سان ملاقات ڪري پنهنجو حامي بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هن غالب پاشا کان هڪ خط افغان حڪومت لاءِ لکرايو، جنهن ۾ هندستاني انقلابين سان ترڪي جي حمايت جو يقين ڏياريل هو، اهو خط مولانا منصور عرف محمد ميان انصاري کڻي افغان حڪومت وٽ پهتو، مولانا عبيدالله سنڌي، ڪابل ۾ جڏهن تحريڪ لاءِ ميدان هموار سمجھيو تڏهن 14 آگسٽ 1916ع تي هيڊي رنگ جي ريشمي رومالن تي ٽي خط لکي هڪ نو مسلم شيخ عبدالحق کي ڏنا ۽ کيس هدايت ڪئي ته اهي خط سنڌ ۾ شيخ عبدالرحيم کي پهچائي ۽ شيخ عبدالرحيم کي هدايت ٿيل هئي ته ان مان مولانا محمود الحق جو خط ان کي پهچايو وڃي. ان خط جي مضمونن ۾، عبيدالله سنڌيءَ، ڪابل ۾ حالتن جو مطالعو ڪري، جيڪو ملڪ جي آزادي جو منصوبو ٺاهيو هو. ان کان شيخ الهند کي واقف ڪيو هو تنهن کانسواءِ جنود الله (ربانيه) جي قيام ۽ ترڪي جپان ۽ چين کي سفارتن موڪلڻ جو تفصيل سان ذڪر ٿيل هو. هي ٽي خط هئا. پهريون خط 10 جولاءِ 1916ع تي شيخ عبدالرحيم سنڌي حيدرآباد جي نالي پنج ڇهه انچ ڊيگهه وارو هو. ٻيو خط شيخ الهند جي نالي هو. جيڪو 9 جولاءِ 1916ع تي لکيل آهي. ان جي ڊيگهه ويڪر اٺ ڏهه انچ هئي ۽ ٽيون خط پڻ شيخ الهند جي نالي هو، اهي خط مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا منصور عرف محمد ميان شيخ الهند کي لکيا هئا. ڇاڪاڻ ته مولانا محمد ميان حجاز مان غالب نامو کڻي افغانستان آيو هو، اهو سڄو احوال ان خط ۾ هو، ان کان علاوه مولانا سنڌي، دينپور جي بزرگ مولانا تاج محمد امروٽي امروٽ شريف جي بزرگ ۽ پير جھنڊي واري سيد رشد الله شاهه ڏانهن به خط موڪليا هئا، ريشمي رومال واري پهرين خط ۾ شيخ عبدالرحيم سنڌي کي هدايت ٿيل هئي ته شيخ الهند جي نالي وارا خط يا ته پاڻ يا ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو جي هٿ مديني شريف شيخ الهند کي پهچائي. ان کان علاوه شيخ عبدالرحيم سنڌي کي اها به هدايت ڪئي ته هو ڪابل اچي ڇاڪاڻ ته اتي گهڻائي ضروري ڪم آهن،

 بيروني ملڪن ۾ پرچار ڪرڻ وارن لاءِ سندن هيڊڪوارٽر ڪابل ۾ هو ان جون شاخون قسطنطنيه، انقره، ۽ برلن ۾ هيون، انھن ڏينھن ۾ عبدالحق سنڌ ڏانهن ويندي، پنهنجي گهر وڃڻ جي لاءِ ملتان ۾ ريل مان لٿو ۽ الله نواز خان جي والد خانبهادر ربنواز خان سان مليو. ان عبدالحق کان ضرور ان جي اچڻ جو سبب پڇيو هوندو، جنهن تي ان هي چٺيون ان کي ڏئي ڇڏيون هونديون. ربنواز جي هٿ ۾ هي چٺيون ايندي ئي ان پنهنجي گورنمينٽ پرستيءَ جو ثبوت ڏيڻ جي لاءِ هي خط گورنمينٽ کي ڏنا، جنهن سان هندستان ۾ مسلمانن جون ڪيتريون ئي گرفتاريون ٿيون ۽ هي منصوبو خاڪ ۾ ملي ويو، جولاءِ 1914ع جي آخر ۾ هي خط کڻي ڪري آيو ته اڳ ۾ ملتان ويو ۽ خانبهار وٽ ترسيو، خانبهادر اندازو لڳائي ورتو ته هو ڪجهه خاص معلومات کڻي ڪري حيدرآباد وڃي رهيو آهي. ان کان پوءِ هن اهڙو ڄار وڇايو جو عبدالحق ان مان نڪري نه سگهيو ۽ نه رڳو راز ظاهر ڪري وڌائين پر 4 آگسٽ تي هي خط به ان جي حوالي ڪري ڇڏيائين. 14 آگسٽ تي خانبهادر ربنواز اهي خط ملتان جي ڪمشنر کي پهچائي ڇڏيا ۽ ان پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر کي موڪلي ڏنا. اهڙي طرح هي خط اصل مالڪ کي پهچڻ جي بجاءِ دشمنن جي قبضي ۾ هليا ويا. ننڍي کنڊ جي هيءَ آخري انقلابي تحريڪ هئي ۽ اتفاق سان ان جا اڳواڻ ”پهرين اسلامي انقلاب تحريڪ“ (تحريڪ اصلاح و جهاد) جي اڳواڻن سان فڪر ۽ عقيدت جو رشتو مضبوط رکندا آيا هئا. ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ هن تحريڪ جو پهريون مرڪز ديوبند هو. خطن جو راز کلڻ سان هي تحريڪ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي، 

(5)تحريڪ خلافت:

پهرين مهاڀاري لڙائي 1914_18 جي خاتمي کان پوءِ برطانيا ۽ سندس اتحادين ترڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو ،هن لڙائي ۾ ترڪي جرمني جو ساٿ ڏنو هو، جڏھن ترڪي ۽ جرمني کي شڪست ملي ته ان وقت ترڪيءَ کي اتحادين نهايت بڇڙن شرطن تي صلح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جيئن ته ترڪي جو سلطان هندستاني مسلمانن وٽ اسلامي خليفي جي درجو رکندو هو، انهيءَ ڪري ترڪي جي تباهي، انهن لاءِ اسلامي خلافت جي تباهي ھئي،خلافت جي تحفظ جي لاءِ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏايو ويو، جنهن ۾ تحريڪ کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ هڪ خلافت ڪميٽي قائم ٿي، جنھن جا محرڪ مولانا محمد علي جوهر، ۽ مولانا شوڪت علي هئا، لڙائي جي خاتمي کان پوءِ برطانيا ۽ سندس اتحادين ترڪي سلطنت کي ختم ڪري ڇڏيو ، جنهن تي ننڍي کنڊ جي مسلمانن خلافت کي سلامت رکڻ لاءِ “ تحريڪ خلافت” شروع ڪئي ، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن پڻ ڀرپور حصو ورتو ، 22 نومبر 1919 ع ۾ دهلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو ، سيٺ عبدالله هارون ۽ پير تراب علي شرڪت ڪئي .لاڙڪاڻي ۾ پڻ پير رشد الله شاه جهنڊي واري جي صدارت ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي ، جنهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين اڳواڻن تقريرون ڪري خلافت جي اهميت تي روشني وڌي ، خلافت ڪاميٽي جو فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ بيت المال پڻ بڻايو ويو ، جنهن ۾ 90517 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽي کي ڏنا ويا ،  1923 ع ترڪي ۾ انقلاب آيو ۽ مصطفى ڪمال اتاترڪ خلافت جو خاتمو آندو ۽ اهڙي طرح هن تحريڪ جي پڄاڻي ٿي،


( 6) تحریڪ ترڪ موالات:

1920ء ۾ گانڌي ۽ مولانا ابو الڪلام آزاد غير ملڪي مال جي بائيڪاٽ ۽ نان ڪو آپريشن (ترڪ موالات)  جي تجويز پيش ڪئي، هي بهتر ڪارگر هٿيار هو، جيڪو ان وقت جنگ آزادي ۽ قومي جدوجهد ۾ استعمال ڪيو ويو، 

 انگریزي حڪومت ان جو مڪمل نوٽيس وٺڻ جي لاءِ مجبور ٿي وئي، ان مان خطرو پيدا ٿيو ته ملڪي نظام مفلوج ٿي ويندو، ۽ عام بغاوت ڦهلجي ويندي، آثار انگريز سامراج جي خاتمي جي پيشنگوئي ڪري رهيا هئا، 

1920ء هندستان جي تاريخ ۾ مختلف انقلابن جي بنياد جو سال آهي، انهيءَ سال تحريڪ حريت جي سپه سالار اعظم شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه مرڪزي خلافت ڪميٽي بمبئي جي هڪ سوال جي جواب ۾ انگريزن کان ترڪ موالات جي فتويٰ ڏني ۽ ان کان پوءِ ان جي شاگرد جمعيت علماء هنڌ، جي صدر حضرت مولانا مفتي ڪفايت الله دهلوي رحه ان جي تائيد ۾ فتويٰ صادر فرمائي، هي فتويٰ تحريڪ عدم تعاون، جي تائيد ۾ هئي، ان صديءَ ۾ سڀ کان حيرت ڏياريندڙ تحريڪ، تحريڪ عدم تعاون هئي، حيرت انگيز ان لاءِ جو هڪ ضعيف انسان جيڪو پاڻ لٺ جي سهاري هلندو هو، ان پنهنجي مٿان حڪومت ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي طاقت جي خلاف عدم موالات جي فتويٰ ڏني، هي اهڙي فتويٰ هئي، جنهن برمنگھم جي اقتدار اعليٰ کي ڊيڄاري ڇڏيو، انگريز سامراج حيران هو ته دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن پاڻ کان لکين ڀاڳا گهڻي طاقتور حڪومت جي  اقتدار هيٺ رهندڙ شخص فتويٰ نه ڏني هوندي، حضرت شیخ الهند رحه پنهنجي ان فتويٰ ۾ قرآن و سنت جي روشني ۾ صاف صاف فرمایو ته، منهنجي نظر ۽ مقصود هميشه مذهب رهيو آهي، جنهن مون کي هندستان کان مالٽا ۽ مالٽا کان هندستان پهچايو، مان هڪ گهڙيءَ لاءِ به هن تحريڪ کان پاڻ کي الڳ نٿو سمجهان، جنهن جو تمام تعلق جماعت ۽ اسلام جي فلاح يا اسلام جي دشمنن جي حربن جي جواب ۾ خود اختياري حفاظت جي طور تي استعمال ڪيو وڃي، مالٽا کان واپس اچي مونکي معلو ٿيو ته آزادي جي اڳواڻن هن طريقيڪار کي پنهنجي فرض جي ادائيگي ۽ پنهنجي جذبن ۽ حقن جي تحفظ جي لاءِ مناسب  قرار ڏنو آهي ته، اهي قرآن ڪريم جي صحیح ۽ صریح تعلیم، ۽ رسول اللہ ﷺ  جي هڪ هڪ روشن اسوه حسنه کي مضبوطي سان وٺين، ۽ قوم جي نفعي نقصان جو موازنو ڪيو وڃي، دور انديشي سان جاچ ڪئي ڪري ان کي بنا خوف ۽ خطري جي انجام تائين پهچايو وڃي، ۽ اهو هن کانسواءِ ڪجهه به ناهي ته اعداءِ اسلام سان گڏ تعاون ۽ موالات کي اعتقاداً و عملاً ترڪ ڪري ڇڏين، ان جي شرعي حيثيت ناقبل انڪار آهي، ۽ هڪ صادق مسلمان غيرت جي اهڙي حالات ۾ هي اتباع هئڻ گهرجي ته، 

(1) سرڪاري اعزاز  ۽ رتبن خطبن کي واپس ڪري ڇڏي، 

(2) ملڪ جي جدید ڪائونسل ۾ هئڻ کان انڪار ڪري ڇڏي، 

(3) سرڪاری اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پنهنجي ٻارن جي داخلا نه ڪري،

 ان کان علاوه جيڪي تجويزون وقتاً فوقتاً شايع ڪيون وڃن ان تي عمل ڪن، بشر طيڪه ان تي عمل ڪرڻ ۾  شرعي حڪم خلاف ڪنهن عمل جو مرتڪب نه ٿئي، ۽ هن امر جو به پورو پورو خيال ڪيو وڃي ته جنهن امر ۾ فساد يا ڪنهن نقصان هئڻ جو خدشو ٿئي ته ان کان احتياط ڪجي، ۽ هر ڪم ۾ افراتفري کان بچي ڪري اعتدال کي مدِّنظر رکيو وڃي، بس هن فتويٰ کي منظر عام تي اچڻ جي دير هئي، پوري ملڪ ۾ باھ ٻري وئي،  حڪومت سان عدم تعاون جي ۽ اهڙي لهر اٿي جنهن سان انگريز سامراج وائڙو ٿي ويو، ۽ حريت پسند اڳواڻن کي دٻائڻ لاءِ نت نوان حربا ۽ منصوبا ٿي جوڙيا، ان کانپوءِ شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه جي رهنمائي ۽ صدارت ۾ جمعیۃ علماء هند جو ٻيو اجلاس عام 19-20-21/ نومبر1920ء تي دهليءَ ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ترڪ موالات جي باري ۾ هڪ تجويز منظور ڪئي وئي، ۽ پوءِ شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه جي ارشاد تي ان کي فتويٰ جي صورت ۾ مرتب ڪري ملڪ جي معتبر علماء ڪرام جي دستخط سان شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ بر صغير جا وڏا وڏا نامور علماء ڪرام  هئا، ۽ هن کان وڏي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ان اجلاس جي صدارت حضرت شيخ الهند رحه فرمائي رهيو هو، ان جي مسند جي ويجهو، حضرت مفتي اعظم مفتي ڪفایت اللہ صاحب، حضرت مولانا عبدالباری فرنگي محله، حضرت مولانا ابوالڪلام آزاد، حضرت مولانا عبدالماجد بدایوني ،مولانا آزاد سبحاني ، مولانا عبدالڪافي الٰہ آبادي، مولانا ابو الوفا ثناءاللہ امرتسري ، مولانا خلیل الرحمٰن سهارن پوري 

جهڙا اهل علم حضرات موجود ھئا، ان تجویز ۾ نهايت وضاحت ۽ صفائي سان گڏ اعلان ڪيو ويو هو ته: ”موجودہ حالاتن ۾  گورنمينٽ برطانیہ سان موالات و نصرت جا تمام تعلقات ۽ معاملات رکڻ حرام آهي ، 

جنهن جي تحت حسبِ ذیل امور بہ واجب العمل آهي

(1) خطابات ۽ اعزازي عهدا ڇڏڻ، 

(2) ڪائونسلن جي ميمبري کان عليحدگي ۽ اميد وارن جي لاءِ راءِ نه ڏيڻ،

(3) دین جي دشمنن کي تجارتي نفعو نہ پهچائڻ، 

(4) اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ سرڪاري امداد نه ڪرڻ ۽ سرڪاري يونيورسٽين سان لاتعلقي ڪرڻ، 

(5) دین جي دشمنن جي فوج ۾ ملازمت نه ڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي فوجي امداد نه پهچائڻ، 

(6) عدالتن ۾ مقدمہ نه وٺي وڃڻ ۽ وڪيلن لاءِ ان جي پيروي نه ڪرڻ، 

جمعيت علماء هند جي ان تجويز ۽ ان جي روشنيءَ ۾ مرتب ٿيل 437 جيد ۽ معتبر علماء ڪرام جي دستخط واري هي فتويٰ منظر عام تي آئي، ۽ فوراً برطانوي سامراج  ان کي ضبط ڪيو، ۽ ان تي دسخط ڪرڻ وارن حريت جي مجاهدن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ترڪ موالات جي هي اُها تحريڪ آهي جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري اعزاز ۽ لقبن جي واپسيءَ جي قطار لڳي رهي هئي، ۽ جنهن کان متاثر ٿي ڪري هزارين اهي نوجوان جيڪي سرڪاري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ زير تعليم هئا ٻاهر نڪري آيا، هي اها تحريڪ آهي جنهن جامعه مليه اسلامه کي جنم ڏنو، جنهن جو سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ ضعيفانه ۽ ناچاڪيءَ جي حالت ۾ حضرت شيخ الهند رحه علي ڳڙھ تشريف فرمائي ويا،هي اها ئي تحريڪ هئي جنهن هڪ طرف مشهور مقدمي ڪراچيءَ کي جنم ڏنو، جنھن جا مجرم  شیخ الاسلام حضرت مولانا حسین احمد مدني، رئیس الاسلام حضرت مولانا محمد علي جوهرؒ،مولانا شوڪت، ڊاڪٽر سیف الدین ڪچلوؒ، مولانا نثار احمد ڪانپوري ۽ میر غلام جهڙن علماء امت ۽ محسن قوم کي ٻه ٻه سال قیدبامشقت جي سزا ٻڌائي وئي جنهن کي انهن جوڌن جوانن خندہ پیشاني سان قبول ڪيو  

۽ ٻئي طرف مقدمو ڪلڪتي ۾ ٿيو جنھن جي پاداش ۾ امام الهند مولانا آزادؒ کي هڪ سال قید بامشقت سزا برداش ڪرڻي پئي، هندستان جي آزادي جي تحريڪ جو هي هڪ اهڙو عظيم واقعو آهي جنهن تي هر مسلمان فخر ڪري ٿو اڄ هن تحريڪ کي سئو ورهين کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، ضرروت هن امر جي آهي ته پنهنجي بزرگن جي تاريخ ۽ مجاهدانه خدمتن جو نئين نسل کي سبق پڙهايو وڃي ۽ دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي بزرگان دين جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطاء فرمائي آمين، 

(7)خاڪسار تحريڪ:

هن تحريڪ جو باني علامه عنايت الله مشرقي هو، جيڪو امرتسر ۾ پيدا ٿيو، 19 سالن جي ڄمار ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان رياضي ۾ ايم، اي جي ڊگري حاصل ڪري پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلستان هليو ويو، هن ڪيمبرج يونيورسٽي مان رياضي، فزڪس، ۽ مشرقي علمن ۾ سندون حاصل ڪيو،1931ء ۾ جي شروع ۾ خاڪسار تحريڪ شروع ڪيائين، هن تحريڪ جو مقصد امير جي اطاعت فوجي نظم و ضبط، جهاد باڪمال والنفس، اخوت خدمت خلق  ۽ جذبہ ايثار ھو، 1930ء ۾ علامہ عنایت اللہ المشرقی خاڪسار تحريڪ جو بنياد وڌو، هي هڪ نيم فوجي قسم جي تنظيم هئي، بندوق جي جاءِ تي بيلچو ڪلهن تي انهن جي زينت جي علامت هئي، علامه صاحب جو خيال هو ته مسلمانن جو هي حال دين کان دوريءَ جي ڪري آهي، جيڪڏهن مسلمان پنهنجي ايمان ۾ مضبوطي، استحڪام پيدا ڪن ۽ هڪ سپاهي وانگر زندگي گذارن ۽ گڏوگڏ اخوت مساوات ۽ خدمت خلق جي طرف اچن ته پوءِ اهي وڃايل عظمت ٻيهر حاصل ڪري سگهن ٿا، علامه صاحب "تذڪره نالي"  هڪ ڪتاب لکيو جنهن ۾  ’’انتم الاعلون اِن کنتم مومنین‘‘ يعني جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته توهان ئي غالب رهندؤ، غلامي جو دور هو، ۽ هندستان جي مسلمان سوچيو ٿي، خاڪسار تحريڪ ئي سندن آزادي جي ضامن آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه هو ته ان دور ۾ تنظيم ۽ اطاعت جي لحاظ کان خاڪسار تحريڪ نهايت منظم ۽ مستحڪم جماعت هئي، هن تحريڪ جا ڪارڪن، تنظيمي سرگرمين کان علاوه بلا تفريق مسلڪ و مذهب جي خدمت ۾ پيش پيش هئا، سندن جذبي کي هندو رهنماء ۽ عوام سلام ڪندا هئا, مجلس احرار جيان خاڪسار جا ڪارڪن قرآن و حديث کان علاوه ڪنهن ٻين ڪتابن سان تعقل نه رکيو، ائين ناهي ته هو مطالعي جي خلاف هئا، اصل ۾ هو عمليت پسند هئا، انهن جو خيال هو ته هاڻي ڪتابن ۾ گم ٿيڻ جو وقت ناهي بلڪه انقلاب ۽ ميدان نڪرڻ جو وقت آهي، 

علامه مشرقي "مولوي ڪا غلط مذهب " جي عنوان سان ٽيهارو کن پمفليٽ تقسيم لکيا جن کي خاڪسار ڪارڪن وڪڻندا هئا ۽ نعرہ هڻندا هئا "مولوي ڪا غلط مذهب دو پئسه ۾)انهن لفظن علماء ڪرام جي حلقن ۾ خاڪسار تحريڪ جي خلاف باھ ٻاري، ۽ خاڪسار تحريڪ جي ڪارڪنن خلاف ڪفر ۽ زنديق جي فتويٰ لڳڻ شروع ٿي، علامه صاحب جو مولوي حضرات جي باري ۾ لهجو ڪجهه هن طرح هو، علامه صاحب سيالڪوٽ ڪئمپ ۾ 1936ء ۽ ڪيل تقرير جو ڪجهه حصو اقتباس ڪجي ٿو، 

علامہ صاحب فرمائي ٿو: ’’مسجد جو مولوي ۽ مُلا ويچارو، تنگ ۽ اونداهيءَ جي حجري ۾  ٽڪر ڳڀي جي غم ڦاٿل آهي ۽ جسم جي داءُ ۽ ڄار ۾ 100 ورهين کان ڦاٿل ويٺا آهيون ، قرآن ڪريم جهڙي عظيم الشان ڪتاب جيڪا ڪوه طور بلڪه هماليه جبل کان به مٿي وڏي ۽ ڀاري ڪتاب آهي ان کي توهان ڪجهه ناهي سمجهيو، گهر گهر ۽ در در جي ٽڪرن تي جي فڪر ۾ ان کانسواءِ ڪجهه نٿو سُجهي، اهو ڪهڙو عمل هو جنهنڪري مسلمانن 23 ورهين جي اندر اندر تمام عرب جا بادشاھ بڻجي ويا هئا، 

الاصلاح جي شماري 4 سيپٽمبر 1936 ۾ هڪ خبر ملي ٿي، جنھن ۾ رئيس الاحرار سيد عطاء الله شاه بخاري رحه ۽ انهن جي جماعت خاڪسارن جي باري ۾ صلح جوئي اختيار ڪئي، جنهن ۾ ذڪر آهي ته رئيس الاحرار سيد عطاء الله شاه بخاري رحه ڊيره دون تشريف فرمائي آيا، ۽ ماڻهن انهن کان خاڪسارن جي عمل ۽ فعل جي برخلاف چورائڻ ٿي گهريو، پر شاه صاحب هي فرمائي مخالفت گهٽ ڪئي ته، اسان جو ۽ علامه مشرقي جو جهيڙو آهي، اسان ۽ مشرقي صاحب سمجهي وٺنداسون، پر ان خاڪسارن  کي ڪجهه به نه چيو وڃي، هي جيڪي ڪجهه ڪن ٿا انهن کي ڪرڻ ڏيو، هي ته اسان جا ٻچا آهن، تحريڪ جو نظم و ضبط جو هي حال هيو، جيڪڏهن علامه قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندو هو ته سرعام ڪوڙا کائيندو هو، خاڪسار تحريڪ جو افسوسناڪ خاتمو علامه صاحب جي هٿان ئي ٿيو، ورهاڳي جي وقت علامه پنهنجي پيروڪارن کي 3 لکن جي تعداد ۾ دهليءَ ۾ جمع ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ چيائون جيڪڏھن 3 لک تعداد پوري ٿي وئي ته پوءِ نئون لائحه عمل جوڙيندو، خاڪسار وڏي جوش ۽ جذبي سان دهلي پهتا، پر انهن جي تعداد ڏيڍ لک کان وڌيڪ نه ٿي سگهي، علامه صاحب پاڻ سامهون نه آيو پرده پٺيان ويهي لائوڊ اسپيڪر تي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ اهڙي طرح هن تحريڪ جي پڄاڻي ٿي، 

(8) علي ڳڙھ تحريڪ:

هن تحريڪ تحريڪ جو محرڪ سر سيد احمد خان هو، هن جڏهن مسلمانن جو علمي، اقتصادي، روحاني ۾ سياسي تنزل ڏٺو، ته کيس سخت افسوس ٿيو، هن ڏٺو ته سڀ کان وڏي مصيبت، مسلمانن لاءِ غير مذهب جي مبلغن جو اسلام تي ناراو حملو هو، هزارين مسلمان اسلام کي ڇڏي ٻئي مذهب کي  اختيار ڪندا ويا، جنگ آزادي کان پوءِ جڏھن اقتدار مسلمانن جي هٿان نڪري ويو ته مسلمانن ۾ مايوسي ۽ نا اميدي ڇائنجي وئي، جڏهن ته هندن انگريزن سان مفاهمت جي راه اختيار ڪندي اهم عهدن تي فائز ٿي ويا، ، ۽ ان جي برعڪس مسلمان قوم جيڪا هڪ صديءَ کان پهريون، تمام حڪومت جي مالڪ هئي، حڪومتي شعبن ۾ سندن تعداد نه هئڻ جي برابر وڃي بچي، مسلمانن جي ان حال کي سياسي انداز ۾ پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،  سر سيد احمد خان مسلمانن جي اها حالت ڏسي عزم ڪري ميدان عمل ۾ آيو ۽ هن ان حالت کي بدلڻ لاءِ پڪو پهه ڪيو هن  1875ء ۾ محمڊن اينگلو اوريئنٽل جي نالي سان ڪاليج کوليو، جتي مسلمانن کي ذهني اخلاقي، تعليم ڏني ويئي، ڪاليج ۽ تهذيب اخلاق، مسلمانن جي سياسي ۽ تمدني زندگيءَ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، ۽ سياسي طور تي هڪ الڳ قوم جو درجو ڏنو،ڪاليج کي بعد ۾ 1920ء ڌاري يونيورسٽيءَ جو درجو حاصل ٿيو، جنهن جي سنگ بنياد علي ڳڙه مسلم يونيورسٽيءَ جي نالي سان شيخ الهند حضرت مولانا محمود الحسن ديوبندي رحه وڌي، سر سيد احمد خان جو چوڻ هو، مان هندستانين لاءِ اهڙي تعليم چاهيان ٿو جنهن جي ذريعي هو پنهنجي حقن حاصلات لاءِ ڪوششون ڪن جيڪڏهن گورنمينٽ اسان جا جيڪي ڪجهه حق کاڌيون ويٺي آهي، سٺي تعليم حاصل ڪري اسان انھن کان حق وٺي سگهون ٿا، مان مسلمانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهيان ٿو، سندس سوچ فڪر ۽ نظريو جديديت جي طرف مائل ھو، علي ڳڙھ تحريڪ جا مقصد نئين جديد علم کي حاصل ڪرڻ، مذھب جي عقلي تفهيم ڪرڻ سماجي اصلاح ڪرڻ، زبان ۽ ادب جي ترقيءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ، هندو مسلم جا پاڻ ۾ تعلقات بهتر ڪرڻ، هن تحريڪ مٿان انگريزي زبان ۽ مغرب جو خاصو اثر پيو، هن تحريڪ وسيلي اردو ٻوليءَ ۽ اردو ادب کي ڪافي وسعت ملي، طبعي علم، رياضيات، فنون لطیفه، تاريخ، مضمون نويسي، نظم شعر و شاعري جي طرف ڪافي توجهه ڏنو ويو ۽ مسلمانن لاءِ عصري ۽ جديد تعليم  جي لاءِ دروازو کوليو، هي ادارو اڄ به ڪم ڪري رهيو آهي، 

حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري 




Comments

Popular posts from this blog

مسلمان فلسفين جو فتنو

بیٹے آپ جنت نہیں دیکھ سکتے