راشد محمود سومرو سنڌ جو مستقبل

 دنيا جي هر خطي هر ملڪ هر شهر ۾ اهڙا ماڻهون ڄمندا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي پنهنجي وطن پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ تاريخ رقم ڪري ويندا آهن جنهن تي تاريخ پڻ ناز ڪندي آهي، باب الاسلام سنڌ اهڙن ڪردارن ۽ اهڙين شخصيتن سان ڀري پئي آهي، اهڙن ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت جناب محترم راشد محمود سومرو صاحب آهي، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي فرزند جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، راشد محمود سومرو صاحب شهيد سنڌ شهيد اسلام علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رحمہ اللہ جي گهر ۾ اک کولي ۽ سندس تربيت  شهيد والد صاحب جن ڪئي، سندس والد صاحب جو ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙن ماڻهن منجهان ٿئي ٿو جن سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي هميشه لاءِ ارپي ڇڏيو هو، ۽ سندس فرزند راشد محمود سومرو صاحب به پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي خدمت جي لاءِ پاڻ کي ميدان تي لاٿو آهي، راشد صاحب سنڌ جي غريب عوام جيتري خدمت ڪئي انھيءَ لاءِ جيتري ساراه ڪجي سا گهٽ آهي، ٻوڏ متاثر هجن يا سيلاب متاثر، وٽس جيڪو مدد لاءِ لڙي ويو آهي سو ڪڏهن خالي نه موٽيو آهي، سنڌ جي هر مسئلي تي راشد صاحب هڪ بهترين ۽ مضبوط موقف ۽ نظريو رکندڙ آهي، ۽ هن پنھنجي نظريي پنهنجي موقف ۽ سنڌ جي عوام سان ڪڏهن به ويساھ گهاتي نه ڪئي آهي، هي جدا ڳالهه آهي ته راشد صاحب خريد ڪرڻ لاءِ زرداري هائوس مان چند سيٽن جي عيوض پنهنجي سياسي مخالفين اڳيان هٿ کڻڻ لاءِ آفر پيش ڪئي وئي سا هن ٺڪرائي ڇڏي، موجوده سنڌ جي صورتحال تي تبصري ڪرڻ جي ضرورت نه آهي سنڌ جو هي بيحال ٿيل حال اسان آڏو آهي ۽ انهيءَ حال جو ڪير ذميوار آهي؟ انهيءَ کان به چڳي ريت واقف آهيون ضرورت آهي ته هاڻ اسان کي گهرجي ته سنڌ جي اهڙن سٺن ماڻهن کي اڳتي آڻيون، پنهنجو  پنهنجي ٻچڙن جو پنهنجي نسل جو مستقبل سنواريون ۽ انهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪريون،  اسان اهڙن ماڻهن کي اڳتي نه آڻي سنڌي قوم سان بيوفائي ڪري رهيا آهيون، راشد محمود لاڙڪاڻي ضلعي ۽ شڪارپور ضلعي مان جمعيت علماء اسلام جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهي رهيو آهي توهان ۽ اسان کي جمعيت علماء اسلام سان ھزارين سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا، ليڪن راشد صاحب جو ڪردار ۽ سنڌ  غريب عوام جي ڪيل خدمت توهان ۽ اسان آڏو آهي ۽ انهن ماڻهن جو ڀي ڪردار توهان ۽ اسان اڳيان آهي جن سنڌ کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچايو آهي، اسان سنڌين کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن جا هٿ مضبوط ڪري اسيمبليءَ اندر پھچايون جيڪي حقيقي معنائن ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهي سگهن ۽ سنڌ جي خدمت ڪري سگھن توهان ۽ اسان کي سوچڻ گهرجي ته راشد صاحب اڻهوندي غريبن جي ايتري مدد ڪئي آهي، جيڪڏهن اهڙا ماڻهون حڪومت اندر اچن ۽ واڳ ڌڻي بڻجن ته هو سنڌ لاءِ هڪ روشن مستقبل بڻبا، منهنجي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي واسين کي گذارش آهي ته هڪ ڀيرو اوهان راشد صاحب جو ڪردار ڏسي ڪري انهيءَ کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري ڏسو، ۽ پوري سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته خدارا اگھور ننڊ مان سڄاڳ ٿيو  سنڌ جي اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪريو جيڪي سنڌ سان سچا آهن جيڪي اوهان جي شهر سان سچا آهن جيڪي اوهان جي امن جا ضامن آهن، جيڪي اوهان جي شهر جي ۽ سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهن،

#ووٽ_صرف_ڪتاب_جو

Comments

Popular posts from this blog

مسلمان فلسفين جو فتنو

بر صغير جون اسلامي تحريڪون

بیٹے آپ جنت نہیں دیکھ سکتے