فخر العلماء حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ

 فخر العلماء حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ

ولادت ۽ نسب 

حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ جي ولادت شاھ عبد الرحمان انصاري جي گهر سنہ 1846ع ۾ ٿي سندس نسب جو سلسلو سيدنا ابو ايوب انصاري رضي الله عنہ سان ملي ٿو، 

ابتدائي تعليم : 

فارسي ۽ عربي جي ابتدائي تعليم امروھ جي عالمن مولانا سید رفعت علي، مولانا ڪریم بخش نخشبي ابن مولانا امام بخش نخشبي خلیفہ خواجہ غلام علي نقشبندي دھلوی ۽ مولانا محمد حسین جعفري کان حاصل ڪيائين، اعليٰ تعليم لاءِ ميرٺ ويا ميرٺ ۾ حديثن جا ڪجھ ڪتاب حضرت نانوتوي پڙهائي ڪري دارالعلوم دیوبند موڪليو، جتي 1290ھ ۾ سندِ فراغت حاصل ڪئي،  تعليم مڪمل ڪري ان دور جي ديگر اڪابر اهل علم و محدثین جي خدمت ۾ به حاضري ڏنائين، ۽ انهن کان به اجازت حديث حاصل ڪيائين جن ۾ 

(1)حضرت مولانا عبدالغني مجددي محدث دهلوي 

(2 )حضرت مولانا عبدالقیوم ڀوپالي ابن حضرت مولانا عبدالحئي بڙهانوي، 

(3) حضرت مولانا قاري عبدالرحمن محدث پاني پتي، 

شاگرد رشید حضرت شاہ محمد اسحاق محدث دهلوي 

(4) استاذ العلماء حضرت مولانا احمد علي محدث سھارنپوري محشي بخاري رحمهم الله  شامل آهن، 

 مولانا امروهي تصوف ۾ حضرت حاجي امداد اللہ مھاجر مڪي جا مجاز ۽ خلیفہ هئا، تعلیم مڪمل ڪرڻ کان بعد مدرسہ قاسمیہ جا صدر مدرس بڻايا ويا، مدرسہ قاسميه سندس استاد حضرت نانوتوي خورجہ ۾ قائم  ڪيو هو، بعد ازان دهلي ۽ سنڀل جي اسلامي ادارن ۾ بطور صدر مدرس خدمتون سرانجام ڏنائون، جڏهن 1296ھ ۾  حضرت نانوتوي جي حڪم سان جامعہ قاسمیہ مدرسہ شاهي، مرادآباد جو بنياد پيو ته ان جا صدر مدرس بڻيا، ان عھدي تي رهندي 1885ع ذوالقعدہ 1303ھ تائين خدمتون سرانجام ڏنائين،  بعد ۾ امروھ آيا جتي جامع مسجد ۾ هڪ قدیم مدرسو ٻيهر قائم ڪيائين، پاڻ بذات خود تدریسي ذميواريون سنڀاليائين ۽ پهرين مھتمم، صدر استاذِ حدیث جي حیثیت سان خدمت ڪيائين، مولانا امروهي 1895ع کان 1912ع  تائين دارالعلوم دیوبند جي مجلسِ شوريٰ جا رڪن رهيا شيخ الهند جي ثمرۃ الترتیب جي باني رڪنن مان هئا، حضرت امروهي آريه سماج جي ماڻهن سان مناظره ڪيا ۽ انهن ممتاز علماء ڪرامن مان آهن جن قاديانن سان مناظره ڪيا هئا، 15جون 1909ع رامپور ۾ مولانا ثناء اللہ امرتسري سان گڏ قاديانن سان مناظرو ڪري انهن کي شڪست ڏنائون، ادبي ڪمن ۾ ’’ افاداتِ احمدیہ‘‘،  ’’اِزالۃ الوَسواس‘‘ ۽ ’’المعلومات الاھیہ‘‘ شامل آهن، 1329ھ ۾ جڏهن مرادآباد ۾ موتمر الانصار جو پهريون اجلاس ٿيو ته ان جي صدارت مولانا امروهي کي ڏني وئي، هزارين علماء سندس علم مان فيضياب ٿيا، حضرت امروهي 29 ربيع الاول 1330ھ/18 مارچ 1912ع امروھ ۾ وفات ڪيائين ۽ نماز جنازہ حضرت مولانا حافظ محمد احمد صاحب مهتمم دارالعلوم دیوبند پڙهائي، ۽ جامع مسجد امروھ جي صحن ۾ مدفون آهن، 

الله تعاليٰ مولانا امروهي کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي، آمين، 

حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري 



Comments

Popular posts from this blog

مسلمان فلسفين جو فتنو

بر صغير جون اسلامي تحريڪون

بیٹے آپ جنت نہیں دیکھ سکتے