فخر العلماء حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ
فخر العلماء حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ ولادت ۽ نسب حضرت مولانا احمد حسن محدث امروهي رحمہ اللہ جي ولادت شاھ عبد الرحمان انصاري جي گهر سنہ 1846ع ۾ ٿي سندس نسب جو سلسلو سيدنا ابو ايوب انصاري رضي الله عنہ سان ملي ٿو، ابتدائي تعليم : فارسي ۽ عربي جي ابتدائي تعليم امروھ جي عالمن مولانا سید رفعت علي، مولانا ڪریم بخش نخشبي ابن مولانا امام بخش نخشبي خلیفہ خواجہ غلام علي نقشبندي دھلوی ۽ مولانا محمد حسین جعفري کان حاصل ڪيائين، اعليٰ تعليم لاءِ ميرٺ ويا ميرٺ ۾ حديثن جا ڪجھ ڪتاب حضرت نانوتوي پڙهائي ڪري دارالعلوم دیوبند موڪليو، جتي 1290ھ ۾ سندِ فراغت حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪري ان دور جي ديگر اڪابر اهل علم و محدثین جي خدمت ۾ به حاضري ڏنائين، ۽ انهن کان به اجازت حديث حاصل ڪيائين جن ۾ (1)حضرت مولانا عبدالغني مجددي محدث دهلوي (2 )حضرت مولانا عبدالقیوم ڀوپالي ابن حضرت مولانا عبدالحئي بڙهانوي، (3) حضرت مولانا قاري عبدالرحمن محدث پاني پتي، شاگرد رشید حضرت شاہ محمد اسحاق محدث دهلوي (4) استاذ العلماء حضرت مولانا احمد علي محدث سھارنپوري ...
Comments
Post a Comment