مسلمان فلسفين جو فتنو
مسلمان فلسفين جو فتنو گذريل صدين ۾ مذهب جي حيثيت کي تسليم ڪندي فلسفي کي مذهبي بحث مباحثن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، عقليت پسند معتزلي علماء عقل جي بالادستي جو علم بلند ڪرڻ جي باوجود قرآن و حديث ۽ فقه جي جائز و ناجائز احڪامن کي مڃيندا هئا، ۽ گناهن کان به بچندا هئا، سندن ڪوشش هِيءَ ھُئي ته دين کي عقل سان گڏوگڏ اهڙي طرح ھلايو وڃي ته جيئن يوناني فلسفو اسلام جو دشمن وڪيل نظر اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ هو انهيءَ ڪوشش ۾ ناڪام رهيا ۽ اسلام جي صحيح وڪالت ڪرڻ جي بجاءِ خود ڪج فڪري جو شڪار ٿي ويا، ليڪن بھر حال هو اهل ايمان هئا، انهن جي خلاف سخت ترين موقف رکندڙ علماء اسلام ڀي انهن کي بدعتي شمار ڪيو آهي، انهن کي اسلام کان خارج قرار ناهي ڏنو، ليڪن چوٿين ۽ پنجين صدي هجري ۾ فلسفي جي درياءَ مان جيڪي تازيون لهرون اڀريون انهن جي پٺيان اسلام ۽ مذهب کي پٺي ڀر اڇلائڻ بلڪه ڪالعدم تصور ڪرڻ جو جذبو ائين ئي هيو جيئن يوناني فلسفين جي دل و دماغ ۾ هو، ان نئين سوچ ۽ فڪر جو بنياد انهن مسلمانن جي هٿان پيو جن فلسفي جي ڪتابن کي ترجمي جي حد تائين محدود نه رکيو بلڪہ انهن جي تشريح ڀي ڪئي، انهن ۾ ابو يعقوب ڪندي، (م258ھ) ...
Comments
Post a Comment