تخليق ڪائنات

 ڪائنات جي تخليق بابت ڀولڙن جو کل جوڳو مثال

تي ايڇ هيڪسلي لکي ٿو :

جيڪڏهن 6 ڀولڙا ڪروڙين سالن تائين ٽائيپ مشين تي ويهي ڪري ٽڪ ٽڪ ڪندا رهن ته ٿي سگهي ٿو ته آخر ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما لکجي پون، اهڙي طرح مادي جي انڌي گردش جي نتيجي ۾ دنيا ٺهي پئي آهي،

( They Mysterious Universe page 3.4)

آهي ڪو جو ان کل جهڙي ڳالهه تي اعتبار ڪري،؟ دنيا جا سمورا علم اڄ تائين اهڙي ڪنهن اتفاقي واقعي کان واقف نه آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ايڏي منظم عاليشان ۽ بامقصد دنيا وجود ۾ اچي سگهي، پروفيسر ايڊون لکي ٿو ته :

ائين چوڻ ته زندگي اتفاق سان وجود ۾ اچي وئي اهو ائين آهي جيئن ڪنهن پريس ۾ ڌماڪو ٿئي ته ان جي نتيجي ۾ هڪ عاليشان ڊڪشنري ٺهي پوي،

(The evidence of God page 174)

جيڪڏهن اهو کڻي فرض ڪجي ته مادو ڪنهن طريقي سان دنيا ۾ موجود ٿي پيو ۽ اهو به کڻي فرض ڪجي ته ان ۾ پنهنجو پاڻ عمل ۽ رد عمل ڪو سلسلو به شروع ٿي ويو، (توڙي انهن مفروضن لاءِ ڪو بنياد نه آهي) تڏهن به اتفاق طور تي دنيا جي ٺهڻ لاءِ ڪا سمجهاڻي نٿي ملي ڇو ته هڪ ٻيو اتفاق مذهب جي مخالفن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي پيو آهي، سائنس معلوم ڪيو آهي دنيا جي عمر اتفاق سان وجود ۾ اچڻ لاءِ بلڪل ناڪافي آهي، 

ڪريسي مارسن ان بابت لکي ٿو ته، 

ڏھ سڪا کڻو، ان تي هڪ کان ڏهن تائين انگ لکو، پوءِ کيسي ۽ وجهي گڏي ڇڏيو، 

هاڻي اهڙي طرح ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو جيئن هڪ نمبر وارو سڪو پهريائين ٻاهر نڪري، ان کي وري واپس کيسي ۾ وجهو، پوءِ وري ٻي نمبر وارو سڪو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو، اهو به واپس کيسي ۾ وجهو، پوءِ ٽئين نمبر وارو سڪو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو، اهو امڪان ته نمبر هڪ وارو سڪو پهريائين ٻاهر نڪري، ڏهن مان هڪ آهي، اهو امڪان ته نمبر هڪ کان پوءِ ٻئي نمبر وارو سڪو به نڪري اچي، سَوَ ۾ هڪ آهي، اهڙي طرح اهو امڪان ته سمورا ڏھ سڪا نمبر وار هڪ ٻئي پٺيان نڪري اچن، ڏھ اربن ۾ هڪ دفعو آهي، ان کان پوءِ هو لکي ٿو ته :

(The object in dealing with so simple a problem is show how enormously figures multiply against chance) 

(Man doec not stand alone - p17) 

يعني " اھو سادو مثال ان ڪري ڏٺو ويو آهي ته خبر پوي ته واقعن جي عدد جي حساب سان امڪانن جو تعداد ڪيترو ته زياده ھوندو آھي،" 

هاڻي سوچي ڏسجي ته جيڪڏهن دنيا اتفاق سان ٺهي آهي ته، پوءِ ان ۾ ڪيترو وقت لڳڻ گهرجي ها، 

خليي ۽ پروٽين جو مثال، 

زندہ شيون زنده خلين (Living Cells ) مان ٺهنديون آهن، خليو هڪ ننڍڙو مرڪب ٿيندو آهي، جنهن ۾ پروٽين ٿيندا آهن، پروٽين پنجن عنصرن ڪاربن هائيڊروجن نائٽروجن، آڪسيجن، ۽ سلفر جي ملڻ سان ٺهندو آهي، دنيا ۾ سو کان وڌيڪ عناصر بنا ترتيب جي پکڙيا پيا آهن، انهن عناصرن مان پروٽين جي هڪ ماليڪيول جي اتفاق سان ٺهڻ لاءِ ڪيترو مادو کپي ۽ ڪيترو عرصو گهربو، ان جو پروفيسر يوجين گائي حساب لڳايو آهي ته ان مطابق ان ڳالھ جو امڪان 160 مان هڪ آهي، ان جو مطلب آهي ڏهن جي اڳيان 160 ٻڙيون) ته ان مان 10 هڪ ماليڪيول ٺهي پوي ۽ موجود ڪائنات جي مادي کان ڪروڙين دفعا وڌيڪ مادو کپي ۽ ان کي گڏي 432 (10) سال زور سان لوڏيندو رهبو ته شايد نتيجو هڪ ماليڪيول جي ٺهڻ سان نڪري،

پروٽين امينو ايسڊ (amino acids) جي ڊگهي سلسلي مان جڙندا آهن، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ان طريقي جي هوندي آهي، جنهن سان آهي سلسلا ۾ پاڻ ۾ ملن، غلط طريقي سان ملندا ته زندگي جي بقا جي بدران زهر ٺهي پوندا، پروفيسر جي ليٿز حساب لڳايو آهي ته، هڪ سادي پروٽين جي سلسلي کي اربن کربن طريقن سان ملائي سگهجي ٿو، (48-10)طريقن سان اهو ناممڪن آهي، ته اهي سڀ امڪان هڪ پروٽين جي ماليڪيول جي لاءِ اتفاق سان گڏ ٿي وڃن،

ان جو به امڪان آهي ته ايترو عرصو گذرڻ بعد ايتري مادي هوندي به ڪجهه نه ٺهي،

پروٽين ۾ زندگي نه ٿيندي آهي، پروٽين خليي جو حصو بڻبو آهي، پر ان ۾ زندگي ڪيئن ٿي اچي، ۽ ان جو جواب ڪنهن وٽ به نه آهي،

اها سمجهاڻي به خليي جي هڪ هڪ جزي پروٽين جي باري ۾ هئي جڏهن ته هڪ زندھ جسم ۾ ان جهڙا اربين کربين مڪرب هوندا آهن،

لي ڪامٽي ڊونواءِ ان تي ڏاڍو سھڻو ۽ مفصل بحث ڪيو آهي، يعني ڪنهن اهڙي امڪان جي ظهور ۾ اچڻ لاءِ مادي جيتري مقدار جيتري وقت ۽ ٻين حالتن جي ضرورت آهي اهي اسان جي سوچ جي سمورن اندازن کان به نهايت گهڻا کپن، ان لاءِ هڪ اهڙي دنيا جي ضرورت آهي، جنهن جون حدون ايڏيون ته وڏيون هئڻ کپن، جو ان مان روشني (82-10) (10 جي اڳيان 82 ٻڙيون) نوري سالن ۾ گذري، اهو دائرو هاڻوڪي دنيا کان تمام وڏو آهي، ڇو ته پري کان پري کان جيڪي تارن جا ميڙ آهن، انهن جي روشني به، 20 - 25 ارب سالن ۾ اسان تائين، پھچيو وڃي، ان کانپوءِ ڪيترو وقت کپي؟ کربين سال يعني هن دنيا جي ڪل عمر کان اربين دفعا وڌيڪ، ان کان پوءِ شايد پروٽين جو هڪ بي جان ماليڪيول ٺهي، ان جي مقابلي ۾ زمين جي عمر، جيڪا سائنسدانن معلوم ڪري ورتي آهي، سا آهي ٻه ارب سال( Limitations of science P78) ته پوءِ زمين تي ايتري ٿوري عرصي ۾ زندھ جسم رکڻ وارا، ڏه لک کان به وڌيڪ قسم جا حيوان ۽ لکين قسمن جا وڻ ٻوٽا ڪيئن پيدا ٿيا، ۽ انسان جهڙي اعليٰ مخلوق ڪيئن وجود ۾ اچي ٿي، جڏهن ته ارتقا جي نظريي جا حامي چون ٿا ته ڪنهن به ساهواري شيءَ ۾ تبديلي لاءِ گهوڙي جهڙي مختلف جانور بڻجڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي، 

آمريڪي ماهر، ايم بي ڪريڊر جا لفظ ڪيترا نه صحيح پيا لڳن:

The mathematical probability of a chance occur-once of all necessary factors in the night proportion is almost nil. 

(The evidence of good page 67)

يعني تخلي جي سڀني ضروري سببن جو صحيح طريقي سان اوچتو اتفاق طور سان گڏ ٿيڻ جو امڪان حسابي طور بلڪل نه هئڻ جي برابر آهي، اها ساري تفصيل اتفاقي طور شين جي پيدا ٿيڻ جي نظريي جي بيهودائي ڏيکارڻ لاءِ پيش ڪئي وئي آهي، ورنہ حقيقت هي آهي ته اتفاقي طور نه ته ڪو ائٽم يا ماليڪيول ٺهي سگهي ٿو نه وري اهو ذهن پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو اهو سوچي ٿو ته ڪائنات وجود ۾ ڪيئن آئي آهي، کڻي ان لاءِ ڪيڏي به ڊگهي مدت فرض ڪئي وڃي، اهو نظريو نه رڳو حسابي طور ناممڪن آهي پر عقلي طور تي به ممڪن ناهي، اها ڳالهه ان شخص جي ڳالهه وانگر آهي جيڪو چوي ٿو ته فرش تي پاڻي جي گلاس ڪرڻ سان دنيا جو نقشو ٺهي سگهي ٿو، ان شخص کان پڇي ڏسجي ته ان اتفاق پيش اچڻ لاءِ فرش ڪشش گلاس ۽ پاڻي ڪٿان اچي ويا؟ 

ماهر حياتيات هيڪل( Haeckel ) چيو هو، مون کي هوا، پاڻي، ڪيميائي جزا ۽ وقت ڏيو مان اوهان کي انسان ٺاهي ڏيکاريان،، پر ان دعويٰ ڪرڻ وقت کائنس وسري ويو ته ان اتفاق کي وجود لاءِ کيس هڪ هيڪل ۽ مادي حالتن جي ضرورت پيش آئي، جا خود سندس دعويٰ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي، ان تي تبصرو ڪندي ماريسن خوب لکيو ته: هيڪل ائين چوندي زندگي ۾ جين (Gens) جي مسئلي کان اکيون پوريون، انسان کي ٺاهڻ لاءِ سڀ کان اڳ کيس نظر نه ايندڙ ايٽم کپن، پوءِ انهن کي خاص ترتیب سان جوڙي جين ٺاهڻا پوندا ۽ انهن کي زندگي ڏيڻي پوندي، ان بعد به ڪروڙن مان هڪ امڪان ٿي سگهي ٿو ته هو ڪامياب ٿئي، ۽ جيڪڏھن فرض ڪريو هو ڪامياب ٿي به وڃي ته ان کي اتفاق( Accident ) ته نه چوندو، پر پنهنجي دماغي قابليت، (Intelligence )جو نتيجو قرار ڏيندو، ( Man does not stand alone, P87) 

عالم طبيعات جارج ڊيوس لکي ٿو ته :

جيڪڏهن ڪائنات پاڻ کي پيدا ڪري سگهي ٿي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته اها پنهنجي اندر خالق جون صفتون رکي ٿي، ان صورت ۾ اسين اهو مڃڻ تي مجبور ٿينداسين ته ڪائنات پاڻ خدا آهي، اهڙي اسان خدا جي وجود کي تسليم ڪنداسون، پر اهو عجيب خدا هوندو، جو هڪ ئي وقت فوق الفطري به هوندو ته مادي به، آءُ پڻ اهڙي عجيب خدا جي بدران هڪ اهڙي خدا تي عقيدو رکڻ پسند ڪندس جنهن هن مادي جهان کي پيدا ڪيو آهي، ۽ اهو پاڻ هن جهان جو حصو نه آهي، پر ان جو حڪمران انتظام ڪندڙ مدبر آهي، 

( The evidence of good page 71 )

(ڪتاب: خدا ۽ مذهب جي حقيقت ص 69 کان 73 تائين) 

 مصنف حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، 

حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري

Comments

Popular posts from this blog

مسلمان فلسفين جو فتنو

بر صغير جون اسلامي تحريڪون

بیٹے آپ جنت نہیں دیکھ سکتے