ڪربلا جو سانحو ۽ امام حسين رضي الله عنہ شھادت

                            ڪربلا جو سانحو ۽

             امام حسين رضي الله عنہ جي شهادت 


تاريخ جي پنو پنو انسانن لاء عبرت جا داستان ڀريل آهن . خاص ڪري بعض واقعه انسان جي زندگي جي هر شعبي لاء اهڙا ته عبرتناڪ آهن جو جن کان اکيون ڦيريون نٿيون سگهن. انهن واقعن منجه هڪ واقعو ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام حسين رضي الله عنه مظلومانه شهادت جو به آهي. چيو ٿو وڃي ته جڏهن الله تعالي ڪائنات جو وجود بخشيو ان وقت کان وٺي اڄ تائين ۽ شايد قيامت تائين اهڙو واقعو رونما نه ٿيندو جنهن تي خود تاريخ به روئي ڏي، ليڪن حضرت حسين رضي الله عنه جي شهادت جو واقعو اهڙو دردناڪ آهي جنهن تي انسانن جي سنگ دل تاريخ به هڏڪيون ڏئي روئي ٿي. ان ۾ هڪ پاسي ظلم ۽ ستم، بي وفائي ۽ بي اعتنائي ۽ محسن ڪشي ۽ نسل ڪشي جا اهڙا الم ناڪ ۽ درد انگيز واقعه آهن جن جو تصور ڪرڻ به اڄ ڪله اسان جهڙن ماڻهن لاء ناممڪن آهي. ٻئي پاسي اهل بيت اطهار، رسول الله ﷺ جي چشم چراغ ۽ ان جا ستر ٻهتر متعلقين جي هڪ ننڍي جماعت باطل جي مقابلي لاء ثابت قدمي ۽ جان نثاري جهڙو حيران ڪندڙ واقعہ جن جو نذير عالم انسانيت جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل نه بلڪه ناممڪن به آهي. 


#تاريخ_جو_پس_منظر:


حضرات معاويه بن ابي سفيان رضي الله عنه جي وفات کان پوء تخت خلافت جڏهن خالي ٿي ته يزيد يڪدم پنهنجي خلافت جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو اڳ ۾ ولي عهد ٿي چڪو هئو، ان ڪري هن حضرت امام حسين رضي الله عنه کان به بيعت جو مطالبو ڪيو پر حضرت امام حسين رضي الله عنه بغير ڪنهن جي پرواه ڪندي سرعام اعلان ڪيو ته يزيد خلافت جو حقدار ناهي، ان ڪري هو خليفۃ المسلمين نٿو ٿي سگهي. يزيد کي جڏهن ان ڳاله جي خبر پئي ته هن مديني جي والي وليد بن عتبه کي خط لکيو ته هو حضرت امام حسين رضي الله عنه کي منهنجي بيعت تي مجبور ڪري ۽ ان معاملي ۾ وڌيڪ ڊيگه نه ڏي. وليد وٽ جڏهن خط پهتو ته فڪر ۾ پئجي ويو ته هن خط تي عمل ڪئين ڪرائجي؟ چنانچ هن مديني جي سابق والي مروان کي مشوري لاء گهرايو. مروان چيو ته جيڪر حضرت امام حسين رضي الله عنه يزيد جي هٿ تي بيعت ڪري ته ٺيڪ نه ته کيس قتل ڪيو وڃي. مروان، حضرت امام حسين رضي الله عنه جي سامهون  وليد کي چيو ته هاڻي حضرت امام حسين رضي الله عنه اوهان جي قابو ۾ آهي جيڪر  اوهان جي هٿن مان نڪتو ته وري واپس نه ايندو، پر وليد عافيت پسند شخص هئو، هن مروان جي ڳالھ جي پرواه نه ڪندي حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ڇڏي ڏنو ۽ واپس ٿيا. مروان وليد کي ملامت ڪندي چيو ته تو موقعو وڃائي ڇڏيو پر وليد چيس ته خدا جو قسم آئون حضرت امام حسين رضي الله عنه کي قتل ڪرڻ کان ڊجان ٿو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو قيامت جي ڏينهن هو پنهنجي قتل جو مطالبو مونکان ڪري. ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي قتل جو پڇاڻو جنهن جي سر تي هوندو هو نجات نٿو ماڻي سگهي. 


#مڪي_ڏانهن_هجرت:


چنانچ حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي اهل عيال کي وٺي مديني کان مڪي ڏانهن هليا ويا ۽ هتي وڃي پناه ورتي. يزيد کي جڏهن وليد جي درگزري بابت خبر پئي ته ان مديني جي عهدي تان لاهي ڇڏيو. 


#ڪوفه_وارن_جا_خط:


ڪوفه وارن کي جڏهن ان بابت خبر پئي ته حضرت امام حسين رضي الله عنه، يزيد جي بيعت کان انڪار ڪيو آهي ته ڪي ماڻهو حضرت سليمان بن صرد خزاعي جي گهر ۾ گڏ ٿيا ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه کي خط لکيو ته اسين به يزيد جي بيعت لاء تيار ناهيون، اوهان هڪدم ڪوفه اچو، اسين سڀ اوهان جي هٿ ۾ بيعت ڪنداسين ۽ يزيد جو مقرر ڪيل امير نعمان بن بشير کي هٿان ڪڍي ڇڏينداسين. 


ان جي ٻه ڏينهن پوء انهن انهيء مضمون جو هڪ خط حضرت امام حسين رضي الله عنه اوهان ڏي موڪليو ۽ ڪجه ٻيا خط به موڪليا جنهن ۾ يزيد جون شڪايتون ۽ هن جي خلاف پنهنجي نصرت ۽ تعاون ۽ بيعت ڪرڻ جو يقين ڏياريو ازانسواءِ ڪجه وفد به موڪليا. جن کان متاثر ٿي حضرت امام حسين رضي الله عنه وڏي حڪمت ۽ دانشمندي سان اهو ڪم ڪيو جو پاڻ وڃڻ کان اڳ پنهنجي سوٽ مسلم بن عقيل رضي الله عنه کي ڪوفه روانو ڪيو ۽ هن جي هٿ هڪ خط ڪوفه وارن ڏانهن موڪليو ته " آئون پنهنجي جاء تي پنهنجو سوٽ مسلم بن عقيل رضي الله عنه کي موڪليان پيو جيئن هو حالتن جو جائزو وٺي مونکي اطلاع ڪن، جيڪر حالات درست هوندا ته آئون يڪدم ڪوفه پهچي ويندس". 


#ڪوفي_اچڻ_جي_دعوت:


حضرت مسلم بن عقيل رضي الله عنه ڪجه ڏينهن ڪوفه م گذاريا ۽ اندازو ڪيائين ته اهي ماڻهو واقعي ۾ يزيد کان بيزار ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي بيعت لاء بيچين آهن ، چنانچ هن  ڪجه ڏينهن ۾ ڪوفه وارن منجه ارڙهن هزار ماڻهن کان حضرت امام حسين رضي الله عنه لاء بيعت ورتي ۽ هدايت موجب حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ڪوفه اچڻ جي دعوت ڏني. 

(الکامل فی التاریخ)


#دوستن_جو_مشورو:


 جڏهن ماڻهن کي اها خبر پئي ته حضرت امام حسين رضي الله عنه ڪوفه وڃڻ جو عزم ڪيو آهي ته عبدالله بن زبير رضي الله عنه کان سواء ڪنهن به اوهان کان ڪوفه وڃڻ جو مشورو نه ڏنو، بلڪه گهڻن اوهان جي خدمت ۾ اچي چيو ته ڪوفه هرگز نه وڃو ۽ عراق ۽ ڪوفه وارن جي وعدن ۽ انهن جي بيعت تي ڀروسو نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هت وڃڻ ۾ اوهان لاء وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو. 


#ڪوفي_ڏانهن_روانگي:


پر حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ڪوفي طرفان اطمينان ٿي چڪو هئو ، ان ڪري پاڻ رضي الله عنه پنهنجي خداداد بصيرت ۽ دورانديشي سببان 8 يا 9 ذي الحج 60 هجري ۾ مڪي کان ڪوفه ڏانهن روانا ٿيا. ڪوفه ۾ جڏهن ابن زياد کي اوهان جي آمد جو اطلاع ٿيو ته مقابلي لاء پيشگي ۾ پنهنجو هڪ سپاهي "قادسيه" ڏانهن روانو ڪيو. حضرت امام حسين رضي الله عنه جڏهن "زياله" هند پهتا ته اوهان کي اها الم ناڪ خبر پهتي ته اوهان جو سوٽ ڪوفه وارن قتل ڪرائي ڇڏيو. هاڻي پاڻ رضي الله عنه سڀني ساٿين کي گڏ ڪيو ۽ فرمايو ته ڪوفه وارن ڌوڪو ڪيو آهي ۽ اسان کان ڦري ويا آهن. 

حضرت امام حسين رضي الله عنه ۽ ان جا ساٿي اڃان رستي تي هلن ئي پيا ته منجهند وقت پري کان ڪجه شئيون حرڪت ڪندي نظر آيون غور ڪرڻ سان خبر وئي ته ڪجه گهوڙي سوار آهن، ان جي ڪري حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي ساٿين کي هڪ ڀٽ تي گڏ ڪري جنگ جو محاذ بڻائي ڇڏيو. 


#حُر_جو_هڪ_هزار_لشڪر:


اهي محاذ جي تياري ۾ ئي هئا جو هڪ هزار گهوڙن تي سوار فوج حُر جي قيادت ۾ مقابلي لاء اچي پهتي ۽ مقابلي لاء پڙاءُ وجهي ڇڏيو. حُر کي حصين بن نمير هڪ هزار گهوڙن تي مشتمل فوج ڏئي قادسيه موڪليو هئو، ان جي ڪري انهن جو لشڪر اچي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي مقابلي تي لٿا. 

حضرت امام حسين رضي الله عنه حُر کي فرمايو: تنهنجو ڇا ارادو آهي؟ 

حُر چيو: اسان جو ارادو اهو آهي ته اوهان کي ابن زياد وٽ پهچايون. 


حضرت امام حسين رضي الله عنه فرمايو: آئون توهان سان هر گز نٿو وڃي سگهان. 


حُر چيو: پوء الله جو قسم! پوء اسان به اوهان کي هت اڪيلو نه ڇڏينداسين. 


#حُر_پاران_حق_جو_اعتراف_ڪرڻ:


ان کان پوء حُر چيو: مونکي اوهان سان ويڙه ڪرڻ جو حڪم ناهي، بلڪه حڪم اهو آهي ته اوهان کان ايسيتائين ڌار نه ٿيان جيسيتائين اوهان کي ابن زياد تائين نه پهچايان، ان ڪري اوهان ڪو اهڙو رستو وٺو جيڪو نه ڪوفه ويندو هجي نه مديني ڏانهن ايسيتائين جو آئون ابن زياد کي خط لکيان ۽ اوهان به ابن زياد يا يزيد کي خط لکو شايد الله مون لاء ڪو مخلص پيدا ڪري ۽ آئون اوهان سان مقابلو ڪرڻ ۽ ايذا پهچائڻ کان بچي وڃان. حضرت امام حسين رضي الله عنه عذيب ۽ قادسيه جي سڌي  پاسي هلڻ شروع ڪيو  حُر به پنهنجي لشڪر سميت گڏ هلڻ لڳا. 

 (تاریخ طبري)


#حضرت_امام_حسين_رضي_الله_عنه_جو_خواب


حضرت امام حسين رضي الله عنه "نصر بني مقاتل" پهتا ته اوهان تي غنودگي طاري ٿي وئي پر ٿوري دير کان پوء انا لله وانا اليه راجعون چوندي بيدار ٿي ويا. اوهان جي شهزادي علي اڪبر جڏهن اهو ٻڌو ته ڊوڙندا آيا ۽ پڇڻ لڳا : بابا سائين! ڇا ڳاله آهي؟ 

حضرت امام حسين رضي الله عنه فرمايو ته :"مون خواب ڏٺو آهي ڪجه ماڻهو گهوڙن تي هلي رهيا آهن ۽ اسان جا مڙه به گڏ گڏ هلي رهيا آهن، هن مان آئون سمجهي ويس ته اسان جي مرڻ جي ئي خبر آهي.".


#علي_اڪبر_جي_ثابت_قدمي:


صاحب زادي عرض ڪيس : " بابا سائين! ڇا اسين حق تي ناهيون؟ پاڻ رضي الله عنه فرمايو: بيشڪ اسين حق تي آهيون. صاحب زادي چيس : پوء اسان کي ڇا جو ڀوء، جڏهن ته اسين حق تي مري رهيا آهيون؟ حضرت امام حسين رضي الله عنه کيس شابس ڏني ۽ فرمايو ته : واقعي تو پنهنجي پيءُ جو صحيح حق ادا ڪيو آهي.   (تاریخ طبري)


#حُر_مٿان_جاسوسن_جو _تسلط:


ان کان پوء حضرت امام حسين رضي الله عنه اڳيان طرف هلڻ لڳا ۽ جڏهن "نينوي" جي جاء تي پهتا ته هڪ گهوڙي تي سوار شخص نظر آيو، اهي سڀ هن جي آمد تي پنهنجي پنهنجي سوارين مان لٿا. هن اچي حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ته نه بلڪه حُر  کي سلام ڪيو ۽ ابن زياد جو خط ڏنو. حُر، ابن زياد جو خط پڙهي ان جو مضمون حضرت امام حسين رضي الله عنه کي ٻڌايو ۽ ان سان گڏ پنهنجي مجبوري به ظاهر ڪئي ته ان وقت مون مٿن جاسوس مسلط آهن، تنهنڪري في الحال آئون اوهان سان ڪنهن به قسم جي ڪا مصالحت نٿو ڪري سگهان. 


#عمرو_بن_سعد_جو_چار_هزار_جو_لشڪر:


ان کان پوء ابن زياد ڪوفه کان عمرو بن سعد کي مجبور ڪري چار هزار جو لشڪر ڏئي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي مقابلي لاء موڪليو.  عمرو بن سعد هتي پهچي حضرت امام حسين رضي الله عنه کان ڪوفه اچڻ جي وجه پڇا ڪئي ته پاڻ رضي الله عنه سمورو وقعو ٻڌايو ۽ فرمايو ته : ڪوفه وارن پاڻ مونکي هت اچڻ جي دعوت ڏني، جيڪر هاڻي به سندن راء مٽجي وئي آهي ته آئون واپس مديني وڃڻ لاء تيار آهيان. عمرو بن سعد انهيء مضمون جو هڪ خط لکي ابن زياد ڏانهن  موڪليو ته حضرت امام حسين رضي الله عنه واپس وڃڻ لاء تيار آهن. 


#پاڻي_جي_بندش:


ابن زياد جواب لکي موڪليو ته : حضرت امام حسين رضي الله عنه آڏو هي شرط رکو ته يزيد جي هٿ تي بيعت ڪن. جيڪر اهو ائين ڪري ٿو ته پوء اسين غور ڪنداسين ته هن سان ڪهڙو معاملو ڪيو وڃي؟ ۽ ان سان گڏ عمرو بن سعد کي حڪم ڏنو ته هو حضرت امام حسين رضي الله عنه ۽ هن جي ساٿين جو پاڻي بند ڪن. هي واقعو حضرت امام حسين رضي الله عنه جي شهادت کان ٽي ڏينهن اڳ جو آهي. 


#پاڻي_تي_تصادم: 


چنانچ عمرو بن سعد پاڻي بلڪل بند ڪري ڇڏيو ايسيتائين جو سڀئي اڃ جي شدت سان بيحال ٿي ويا ته حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي ڀاءُ عباس بن علي رضي الله عنه  کي ٽيه گهوڙي سوار ۽ ٽيه پيادل ساڻ پاڻي آڻڻ لاء موڪليو، جڏهن اهي پاڻي آڻڻ لاء وڃي رهيا هئا واٽ تي عمرو بن سعد جو لشڪر آمون سامهون ٿي ويا، تنهن هوندي پاڻي جو ويه مشڪيزون اهي پاڻ سان گڏ کڻي آيا. 


#عمرو__بن_سعد_سان_مڪالمو:


حضرت امام حسين رضي الله عمرو بن سعد ڏانهن پيغام موڪليو ته : اڄ رات هڪ ٻئي جي لشڪر سان اسان جي ملاقات ٿي وڃي جيئن هڪ ٻئي سان گفتگو ڪري سگهن. عمرو بن سعد اهو پيغام قبول ڪيو ۽ رات جو ٻنهين جي لشڪر سان هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي. 


#ٽي_شرطون:


ملاقات ۾ حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي متعلق عمرو بن سعد اڳيان اهي ٽي شرطون رکيون:

1: آئون جتان آيو آهيان اتي واپس هليو وڃان

2: آئون يزيد وٽ وڃان ۽ پاڻ پنهنجو معاملو کائنس طي ڪرايان

3: مونکي مسلمانن جي ڪنهن سرحد تي پهچايو، اهي جنهن حال ۾ هوندا آئون ساڻ انهيء حال ۾ رهي وٺندس. 


عمرو بن سعد، حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ٽئين شرطون ٻڌي ابن زياد ڏانهن ٻيهر خط لکيو "الله تعالي جنگ جي باه وسائي ڇڏي آهي ۽ مسلمانن کي هڪ ڪلمي تي متفق ڪري ڇڏيو آهي. مون سان حضرت امام حسين رضي الله عنه انهن (ذڪر ڪيل) ٽن شرطن جو اختيار ڏنو آهي جنهن سان اوهان جو مقصد پورو ٿئي ٿو ۽ امت جو انهيء ۾ فلاح ۽ اصلاح آهي". 


 ابن زياد خط پڙهي گهڻو متاثر ٿيو ۽ چيو ته":" هي خط اهڙي شخص جو آهي جيڪو امير جي اطاعت به گهري ٿو ۽ پنهنجي قوم جي عافيت جو به خواهش مند آهي، ان ڪري اسين هن خط کي قبول ڪريون ٿا". 


#شمر_جي_مخالفت:


پر شمر بن ذي الجوشن جيڪو ابن زياد وٽ ويٺو هجي چوڻ لڳو ته:" ڇا اوهان حضرت امام حسين رضي الله عنه کي مهلت ڏيڻ چاهيو ٿا ته جيئن هو طاقت حاصل ڪري ٻيهر اوهان تي حملو ڪرڻ لاء نڪري ؟ 

ياد رک! جيڪر اڄ اهو تنهنجي هٿن مان نڪري ويو ته پوء ڪڏهن به ان کي قابو نه ڪري سگهندين، مون کي ان خط مان عمرو بن سعد جي سازش معلوم ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته مون ٻڌو آهي ته هو راتين ۾ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ٿا. 


#ابن_زياد_جو_جواب:


ابن زياد، شمر جي راء قبول ڪندي عمرو بن سعد ڏانهن هڪ مضمون جو خط لکي شمر سان گڏ روانو ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته عمرو بن سعد جيڪر منهنجي حڪم کي نه مڃي ته کيس قتل ڪري ان جي جاء تي تون لشڪر جو امير بڻجي وڃجائين. 


#عمرو_بن_سعد_پري_کان_شمر_کي_سمجهي_وڃڻ:


شمر بن ذي الجوشن جڏهن ابن زياد جو خط کڻي عمرو بن سعد وٽ پهتو ته هو سمجهي ويو ته شمر جي مشوري ۾ اها صورت اڳيان ايندي ۽ منهنجو مشورو رد ڪيو ويو آهي، ان ڪري عمرو، شمر کي چيو ته : تون  وڏو ظلم ڪيو مسلمانن جو ڪلمي تي اتفاق ٿي رهيو هو ۽ تو ان کي ختم ڪري قتل وغارت جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي، بالآخر حضرت امام حسين رضي الله عنه کي پيغام پهچايو ويو ته پاڻ رضي الله عنه صاف انڪار ڪيو ۽ فرمايو ته :اهڙي ذلت کان موت ئي بهتر آهي". 


#خواب_م_رسول_الله_ﷺ_جي_زيارت:


شمر محرم جي نائين تاريخ تي ان محاذ تي پهتو هو. حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي خيمي ۾ ويٺا هئا ته انهيء حالت ۾ اوهان رضي الله عنه ڪجه دير غنودگي طاري ٿي ۽ اک لڳي وئي، پر پوء اچانڪ هڪ آواز ڪري بيدار ٿي ويا، اوهان جي همشيره زينب رضي الله عنها جڏهن اهو اواز ٻڌو ڊوڙندي آئي ۽ پڇا ڪئي ته هي آواز ڇا جو هئو؟ پاڻ رضي الله عنه فرمايو : مونکي الله جي رسول ﷺ جي زيارت ٿي آهي، اوهان ﷺ فرمائي رهيا هئا هاڻي اوهان مون وٽ پهچڻ وارا آهيو. حضرت زينب رضي الله عنها اهي ٻڌي روئي پئي، پر حضرت امام حسين رضي الله عنه کيس چپ ڪرايو ۽ تسلي ڏني. 


ايتري ۾ شمر جو لشڪر اڳيان اچي پهتو، اوهان جو ڀاءُ حضرت عباس رضي الله عنه اڳيان وڌيا ۽ پنهنجي مد مقابل حريف سان گفتگو شروع ڪئي پر هن بنا مهلت جي جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حضرت عباس رضي الله عنه جڏهن جنگ جو اعلان ٻڌو ته هن وڃي حضرت امام حسين رضي الله عنه کي اطلاع ڏنو. حضرت امام حسين رضي الله عنه فرمايو: انهن کي چئو ته اڄ رات جنگ ملتوي ڪن تانته اڄ رات آئون وصيت، نماز ۽ استغفار ۾ گزاري سگهان. حضرت عباس رضي الله عنه، حضرت امام حسين رضي الله عنه جو پيغام شمر تائين پهچايو. شمر ۽ عمرو ماڻهن سان مشورو ڪيو ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه کي هن رات عبادت ڪرڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ واپس وريا 


#عاشورا_جي_رات_اهل_بيت_اڳيان_تقرير:


حضرت امام حسين رضي الله عنه رات جو پنهنجي اهل بيت ۽ اصحاب کي گڏ ڪيو ۽ هڪ خطبو ڏنو جنهن جو نچوڙ هي هيو: 


"آئون پنهنجي رب جو شڪر ادا ڪريان ٿو، راحت ۾ به مصيبت ۾ به. اي الله آئون تنهنجو شڪريو ادا ڪريان ٿو تو اسان کي شرافتِ نبوت سان نوازيو، اسان کي ڪن، اکيون ۽ دل ڏنا، جن سان اسين اوهان جي ايتون سمجهيون ۽  اسان کي قرآن پاڪ سکاريو ۽ دين جي سمجه عطا ڪئي، اسان کي تو شڪر گزار ٻانهن ۾ داخل فرماء". 


ان کان پوء ارشاد فرمايائون:" منهنجي علم ۾ اڄ تائين ڪنهن شخص جا ساٿي اهڙا وفادار ۽ نيڪوڪار ناهن جهڙا منهنجا ساٿي آهن ۽ نه ئي ڪنهن اهل بيت منهنجي اهل بيت کان گهڻو ثابت قدم نظر ٿا اچن، اوهان کي منهنجي طرفان الله تعالي گهڻي مان گهڻو جزاء خير عطا ڪري. آئون سمجهان ٿو ته سڀاڻي منهنجي آخري ڏينهن هوندو، آئون اوهان کي خوشي سان اجازت ڏيان ٿو سڀئي هن رات جي تاريڪي ۾ ڌار ٿي وڃي ۽ جتي پناه ملي اتي هليا وڃو ۽ منهنجا اهل بيت منجه هڪ هڪ جو هٿ پڪڙيو ۽ مختلف علائقن ۾ ڦهيلجي وڃو، ڇاڪاڻ ته دشمن رڳو منهنجو طلبگار آهي، هو مونکي ڏسندا ته ٻئي ڪنهن ڏانهن نه واجھائيندا، 


اهو خطبو ٻڌي اوهان جو ڀاءُ، اوهان جو اولاد، اوهان جا ڀائيٽيا ۽ حضرت عبدالله بن جعفر جا اولاد هڪ زبان ٿي چيو: الله جو قسم! اسين هر گز ائين نه ڪنداسين، اسان کي الله تعالي اوهان کان پوء باقي نه رکي. 


#عاشورا_جي_رات_بنو_عقيل_اڳيان_تقرير:


ان کان پوء حضرت امام حسين رضي الله عنه بنو عقيل رضي الله عنه سان مخاطب ٿي فرمايو:  " اوهان جو هڪ بزرگ مسلم بن عقيل شهيد رضي الله عنه ٿي چڪو آهي، اوهان طرفان هو اڪيلو ڪافي آهي، آئون اوهان سڀني کي خوشي سان اجازت ڏيان ٿو، انهن چيو اسين ڪهڙو ماڻهن کي منهن ڏيکارينداسون پنهنجي بزرگن ۽ وڏن کي موت اڳيان ڇڏي پنهنجي جان بچائي آيا آهيون؟ بلڪه خدا جو قسم اسين ته اوهان مٿان پنهنجي جانون ۽ اولاد ۽ مال سڀ ڪجه نڇاور ڪنداسين.


#پنهنجي_همشيره_زينب_کي_وصيت:


اوهان جي همشيره حضرت زينب بيقرار ٿي روئڻ لڳي ته وصيت فرمائي ته:" منهنجي ڀيڻ! آئون توکي الله جو قسم ڏيان ٿو منهنجي شهادت کان پوء نه پنهنجا ڪپڙا ڦاڙجائين ۽ نه ئي سينه ڪوبي ڪجائين، ۽ رڙيون ڪندي روئڻ کان گريز ڪجائين". 


همشيره کي وصيت ڪري حضرت امام حسين رضي الله عنه ٻاهر نڪري ويا ۽ پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري تهجد ۽ دعا اسغفار ۾ مشغول رهيا. اها عاشورا جي رات هئي 10 محرم جو ڏينهن هو

(تاریخ طبري و تاریخ یعقوبي)


#عاشورا_ڏينهن_جي_صبح:


ڏهين محرم فجر  نماز کان فارغ ٿي عمرو بن سعد لشڪر وٺي حضرت امام حسين رضي الله عنه اڳيان آيو. ان وقت حضرت امام حسين رضي الله عنه سان ٻهتر ساٿي هئا، جن ۾ 32 گهوڙي سوار ۽ 40 پيادل هئا. چنانچ پاڻ رضي الله عنه مقابلي لاء صف بندي ڪئي. 


#حُر_حضرت_حسين_رضي_الله_عنه_سان_گڏجڻ


عمرو بن سعد پنهنجي لشڪر کي چار حصن ۾ ورهايو ۽ هر هڪ حصي جو امير بڻايو. ان ۾ هڪ حصو حُر جو هو، جيڪو سڀ کان اڳ هڪ هزار لشڪر وٺي حضرت امام حسين رضي الله عنه اڳيان موڪليو ويو ۽ ساڻس گڏ هلندو رهيو هئو، هن جي دل ۾ اهل بيت جي محبت جو جذبو بيدار ٿي چڪو هئو، هو ان وقت پنهنجي گذريل ڪاروائي تي پشيمان ٿي حضرت امام حسين رضي الله عنه ويجهي پهچي گهوڙي کي ڊوڙائي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي لشڪر ۾ شامل ٿي ويو ۽ عرض ڪيو ته منهنجي شروعاتي غفلت ۽ واپسي جي راه نه ڏيڻ ڪري اهو سب ڪجه ٿيو اهي جيڪو ڏسي رهيا آهيون. الله جو قسم مونکي ان جو اندازو نه هئو ته اهي اوهان جي خلاف هن حد تائين ويندا ۽ اوهان جي ڪابه ڳاله نه مڃيندا، جيڪر مونکي اها خبر هجي ها ته اوهان جو رستو هرگز نه روڪيان ها، ان ڪري منهنجي توبهن ۽ سزا اها آهي ته آئون به اوهان رضي الله عنه سان گڏ ٿي انهن جي خلاف وڙهان جيسيتائين پنهنجي جان نه ڏئي ڇڏيان. 


#ڪوفه_وارن_سان_بد_ظني:


هن کان پوء حضرت امام حسين رضي الله عنه ڪوفه وارن جي رئيسن کي پڪاريو! اي شيث بن ربعي، اي حجاز بن ابحر، اي قيس بن اشعث، اي زيد بن حارث!  ڇا توهان ڪوفه ڏانهن گهرائڻ لاء خط نه لکيا هئا؟ پر اهي هڙئي مڪرجي ويا. حضرت امام حسين رضي الله عنه فرمايو ته : مون وٽ توهان جا خط موجود آهن. ان کان پوء فرمايائون : ٻڌو! جيڪر توهان کي منهنجو اچڻ نه وڻيو اهي ته مونکي ڇڏي ڏيو تانته آئون اهڙي هند وڃان جتي مونکي امن ملي. قيس بن اشعث چيو ته : اوهان پنهنجي سوٽ ابن زياد جي حڪم کي ڇو نٿا مڃو؟ هو ته پوء به اوهان جو ڀاءُ آهي. پر حضرت امام حسين رضي الله عنه فرمايو: مسلم بن عقیل رضي الله عنه جي شهادت کان پوء به جيڪر تنهنجي اها راء آهي ته الله جو قسم! آئون اهو هر گز قبول نه ڪندس. اهو فرمائي اوهان رضي الله عنه گهوڙي تان لهي آيا. 


#زبير_بن_القنيص_جي_پرجوش_تقرير:


حضرت زبير بن القنيص ٻيهر انهن کي نصيحت ڪئي ته " توهان آل رسول جو رت وهائڻ کان باز اچو، جيڪر باز نه آيا ته سمجهي وٺجو ته توهان کي ابن زياد منجه ڪوبه فائدو نه رسندو، بلڪه بعد ۾ اهو اوهان کي به قتل ڪري ڇڏيندو. انهن زبير بن القنيص کي گهڻو برو ڀلو چيو ۽ ابن زياد جي گهڻي تعريف ڪئي ۽ چيو ته :اسين توهان سڀني کي قتل ڪري ابن زياد وٽ موڪلينداسين. 


 #ويڙه_جي_شروعات:


جڏهن گفتگو ڊگهي ٿي وئي ته شمر ذي الجوشن پنهنجو پهريون تير هلايو، ان کان پوء حُر جيڪو توبه تائب ٿي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي لشڪر ۾ شامل ٿيو هئو اڳيان وڌيو ۽ ماڻهن سان مخاطب ٿي چيو : اي ڪوفه وارو! توهان هلاڪ ۽ برباد ٿيو! ڇا اوهان انهن کي هن ڪري گهرايو هئو جيئن کين قتل ڪريو؟ توهان ته چيو هئو ته : اسين پنهنجو ڌڙ، من ۽ مال سڀ اوهان تي قربان ڪنداسين ۽ هاڻي توهان انهن کي قتل ڪرڻ پٺيان لڳا آهيو، انهن کي قيدين جيان رکيو آهي ۽ فرات دريا جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو جنهن منجه يهودي، نصراني مجوسي هڙئي پيئن ٿا... حضرت امام حسين رضي الله عنه ۽ ان جا اهل بيت اڃ سببان مري رهيا آهن، جيڪو توهان پنهنجي حرڪتن کان باز نه آيا ته ميدان حشر ۾ الله تعالي اوهان جو پاڻي بند ڪندو. 


#لشڪر_حسين_جي_شجاعت_ء_بهادري:


هاڻي حُر تي به تير اڇلايا ويا هو واپس وريو ۽ حضرت امام حسين رضي الله عنه اڳيان اچي بهيورهيا ان کان پوء تير اندازي جو سلسلو شروع ٿيو، پوء گهمسان جي جنگ ٿي، مخالف فريق جا به گهڻ ماڻهو قتل ٿيا، حضرت امام حسين رضي الله عنه جا بعض ساٿي به شهيد ٿيا. حُر حضرت امام حسين رضي الله عنه سان گڏ ٿي گهڻڻ دشمنن کي قتل ڪيو. 

 تنهن کان پوء شمر چارئي طرفان حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ساٿين تي حملو ڪيو جنهن جو حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ساٿين وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو، اهي ڪوفه جي لشڪرن تي جنهن طرف کان حملو ڪن پيا سندن صفايو ٿي ڪيو. هوڏانهن ٻئي پاسي عمرو بن سعد جي تازه فوج پنج سو گهوڙي سوار  موڪليا جنهن کي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ساٿين وڏي جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو، اهي گهوڙا ڇڏي ميدان تي پيادل اچي ويا ان وقت به حُر دشمنن سان سخت جنگ ڪئي پر هاڻي دشمنن خيمن کي باه ڏيڻ شروع ڪيو. 


#گهمسان_جنگ_م_ظهر_نماز_جي_ادائگي:


حضرت امام حسين رضي الله عنه جي اڪثر ساٿي شهيد ٿي چڪا هئا۽ دشمنن جا دستا ويجهي اچي پهتا، حضرت ابو شمامه صائدي رضي الله عنه حضرت امام حسين رضي الله عنه کي عرض ڪيو ته: منهنجا ماء پيء اوهان تي قربان ٿين، ائون چاهيان ٿو ته آئون اوهان آڏو شهيد ٿيان پر دل اهو به چاهي ٿي ته ظهر نماز جو وقت ٿي ويو آهي، نماز پڙهي وڃي پنهنجي خدا سان ملاقات ڪريان. 

حضرت امام حسين رضي الله عنه اعلان ڪيو ته جنگ بند ڪئي وڃي تانته  ظهر نماز  ادا ڪريون، گهمسان جنگ ۾ اعلان ڪير ٿو ٻڌي؟ ٻنهي طرفان سخت جنگ جاري رهي ايسيتائين جو حضرت ابو شمامه اها حضرت دل ۾ رکي شهيد ٿي ويا. پر حضرت امام حسين رضي الله عنه ظهر نماز ’ صلوٰۃ الخوف‘‘ مطابق ادا ڪئي. 


نماز ادا ڪرڻ کان پوء حضرت امام حسين رضي الله عنه جنگ شروع ڪري ڏني، هاڻي اهي پاڻ رضي الله عنه ويجهي پهچي چڪا هئا، حنفي اوهان اڳيان بيهي رهيو ۽ هڙئي تير پنهنجي جسم تي سهندو رهيو  ايسيتائين نو زخمن سان چور ٿي ويا، زبير بن القينص اوهان جي مدافعت ۾ سخت قتال ڪيو ايستائين جو وڃي شهيد ٿيا. ان وقت حضرت امام حسين رضي الله عنه وٽ ڪجه ساٿين کان سواء ڪير نه بچيو هئو هاڻي سڀئي سمجهي ويا ته اسان مان ڪير به نه بچي سگهندو ان ڪري خواهش ٿي ڪيائون ته حضرت امام حسين رضي الله عنه اڳيان شهيد ٿيون، ان تي سڀني شجاعت ۽ بهادري سان دشمنن سان مقابلو ڪندا رهيا جو ان دوران حضرت امام حسين رضي الله عنه وڏو فرزند علي اڪبر شعر پڙهندي دشمن ڏانهن وڌيا "آئون حسين بن علي جو پٽ آهيان، ربِ ڪعبه جو قسم! اسين الله جي رسول جا گهڻا ويجها آهيون".  ايتري ۾ مره بن منقذ اڳيان وڌي نيزو هڻي کيس زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ پوء ڪجه بدبخت اڳيان وڌي لاش کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا. حضرت امام حسين رضي الله عنه لاش جي ويجهو تشريف وٺي ويا ۽ فرمايو : الله تعالي هن قوم کي برباد ڪري جنهن توکي شهيد ڪيو، اهي الله جي معاملي ۾ ڪهڙا نه بيوقوف آهن؟ توکان پوء هاڻي زندگي خاڪ آهي، پوء لاش کي کڻي خيمي ويجهي آندو . عمرو بن سعد حضرت امام حسين رضي الله عنه جي ڀاءُ حسن رضي الله عنه جي پٽ قاسم جي مٿي تي تلوار وهايو جنهن تي اهو زمين تي ڪري پيا ۽ سندس منهن مان اهو نڪتو: هاء منهنجا چاچا (حسين) حضرت امام حسين رضي الله عنه ڊوڙندو کيس سنڀاليو ۽ عمرو بن سعد کي جوابي تلوار سان ڳر ڪيو جنهن سان هن جو هٿ ڪٽجي ويو. حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي ڀائٽي جي لاش پنهنجي ڪلهن تي کڻي پنهنجي پٽ ۽ ٻين اهل بيت جي لاشن ويجهو رکيو. 


#دشمن_جي_فوج_سان_اڪيلو_مقابلو_ڪرڻ:

هاڻي حضرت امام حسين رضي الله عنه اڪيلي سر بي يارومددگار ٿي ويا پر اوهان جي ويجهي اچڻ جي ڪنهن ۾ جرئت نه ٿي رهي هئي ڪافي دير تائين اها ڪيفيت رهي جو جيڪو اوهان رضي الله عنه جيڪي ويجهي پيو اچي يڪدم واپس پئي وريو ۽ ڪير به اوهان جي قتل جو گناه پنهنجي سر کڻڻ نه پئي چاهيو، ايسيتائين جو ڪنده قبيلي جو هڪ بدبخت مالڪ به نسير اڳيان وڌيو ۽ اوهاڻ رضي جي جي سر مبارڪ تي وار ڪيو جنهن سان اوهان شديد زخمي ٿي ويا. ان وقت پاڻ رضي الله عنه پنهنجي ننڍڙي پٽ عبدلله بن حسين کي ويجهو گهرايو  ۽ پنهنجي جهولي ۾ ويهاريو ئي هئو ته هڪ بدنصيب شخص ان تي تير وهايو جنهن سان هو شهيد ٿيو ويو. حضرت امام حسين رضي الله عنه پنهنجي معصوم پٽ جي رت کي ٻنهي هٿن ۾ کڻي زمين تي کنڍيڙي ڇڏيو ۽ الله کان دعا ڪئي ته : اي الله! تون ئي انهن بدبخت ظالمن کان اسان جو انتقام وٺجائين. 


هاڻي حضرت امام حسين رضي الله عنه جي اڃ حد تائين پهچي چڪي هئي، پاڻ رضي الله عنه فرات دريا جي ويجهي تشريف وٺي ويا پر حصين بن نمير هڪ ظالم شخص اوهان ڏانهن هڪ تير اڇلايو جيڪو اوهان رضي الله عنه جي منهن مبارڪ تي وڃي لڳو جنهن سان رت وهڻ لڳو. 


#حضرت_حسين_رضي_الله_جي_شهادت:


ان کان پوء شمر ذي الجوشن ڏه ماڻهو پاڻ سان وٺي حضرت امام حسين رضي الله عنه وٽ پهتا، پاڻ رضي الله عنه جيتوڻيڪ اڃ جي شدت ۽ زخمن سان چور هجڻ باوجود دليري سان مقابلو ٿي ڪيو، جنهن طرف پاڻ رضي الله عنه اڳتي ٿيا هڙئي اتان فرار ٿيندا ويا. شمر جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت امام حسين رضي الله عنه کي قابو ٿيندي نه ڏٺو ته آواز ڏنو ته هڙئي يڪدم مٿس حملو ڪن. ان تي گهڻا بدنصيب اڳيان وڌي نيزن ۽ تلوارن سان هڪ دم حملو ڪيو حضرت امام حسين رضي الله عنه دليري سان مقابلو ڪندي ڪندي بالآخر جام شهادت نوش فرمايائون.  انا للہ وانا الیہ راجعون ۔


شمر ذي الجوشن خولي بن يزيد کي چيو : 

حضرت امام حسين رضي الله عنه جي سر مبارڪ جسم کان ڌار ڪيو پر سندس هٿ جيئن اڳتي وڌيا ته ڏڪڻ لڳا پوء هڪ بد بخت انسان سنان بن انس اڳتي وڌيو ۽ اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو بعد ۾ اوهان جي لاش  کي ڏٺو ويو ته جسم تي 33 زخم نيزن جا ۽ 34 زخم تلوارن جا هئا ۽ لاتعداد تيرن جا زخم هئا. 


 رضی اللہ عنهم وارضاہ ورزقنا حبه وحب من والاہ.🤲

سنڌيڪار

#افتخار_علي_چوهاڻ

Comments

Popular posts from this blog

مسلمان فلسفين جو فتنو

بر صغير جون اسلامي تحريڪون

بیٹے آپ جنت نہیں دیکھ سکتے