مسلمان فلسفين جو فتنو
مسلمان فلسفين جو فتنو
گذريل صدين ۾ مذهب جي حيثيت کي تسليم ڪندي فلسفي کي مذهبي بحث مباحثن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي، عقليت پسند معتزلي علماء عقل جي بالادستي جو علم بلند ڪرڻ جي باوجود قرآن و حديث ۽ فقه جي جائز و ناجائز احڪامن کي مڃيندا هئا، ۽ گناهن کان به بچندا هئا، سندن ڪوشش هِيءَ ھُئي ته دين کي عقل سان گڏوگڏ اهڙي طرح ھلايو وڃي ته جيئن يوناني فلسفو اسلام جو دشمن وڪيل نظر اچڻ لڳي، جيتوڻيڪ هو انهيءَ ڪوشش ۾ ناڪام رهيا ۽ اسلام جي صحيح وڪالت ڪرڻ جي بجاءِ خود ڪج فڪري جو شڪار ٿي ويا، ليڪن بھر حال هو اهل ايمان هئا، انهن جي خلاف سخت ترين موقف رکندڙ علماء اسلام ڀي انهن کي بدعتي شمار ڪيو آهي، انهن کي اسلام کان خارج قرار ناهي ڏنو،
ليڪن چوٿين ۽ پنجين صدي هجري ۾ فلسفي جي درياءَ مان جيڪي تازيون لهرون اڀريون انهن جي پٺيان اسلام ۽ مذهب کي پٺي ڀر اڇلائڻ بلڪه ڪالعدم تصور ڪرڻ جو جذبو ائين ئي هيو جيئن يوناني فلسفين جي دل و دماغ ۾ هو، ان نئين سوچ ۽ فڪر جو بنياد انهن مسلمانن جي هٿان پيو جن فلسفي جي ڪتابن کي ترجمي جي حد تائين محدود نه رکيو بلڪہ انهن جي تشريح ڀي ڪئي، انهن ۾ ابو يعقوب ڪندي، (م258ھ) ۽ ابو نصر الفارابي(م339ھ) سر فھرست آهن،
فارابي ارسطو جي فلسفي کي هڪ نئين آن بان سان پيش ڪيو، هو عالم اسلام ۾ ارسطو جو سڀ کان وڏو مترجم ۽ شارح هو، ۽ ارسطو کان بيحد متاثر هو، ان لاءِ ان ارسطو جي فڪر تي جرح ۽ تنقيد جي ڪا خاص ڪوشش نه ڪئي، ۽ تقليدي انداز ۾ ان جي تدوين و تشريح ڪري ان کي ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو، ان منطق ۽ فلسفي کي نئين سر خوبصورتيءَ سان مرتب ڪيو ۽ هزارين عالم ان علم کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا، ان لاءِ فارابي کي يوناني علم جو ثاني استاد چيو ويندو آهي،
ان کانپوءِ پنجين صدي هجري ۾ حڪيم بو علي سينا (م428ھ) حڪمت جو قلمدان سنڀاليو ۽ يوناني فلسفي ۽ فڪر جي وڏي پئماني تي اشاعت ڪئي، ابن سينا طب جي ميدان ۾ جيڪو عظيم الشان ڪم ڪيو آهي ان جي اهميت جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ليڪن ان سان گڏوگڏ ان فلسفي جي ذريعي عالم اسلام ۾ شڪ و شبهن جي ۽ آزاد خيالن جي جيڪا زمين هموار ڪئي ان تي اباحت ۽ بي ديني کانسواءِ ٻيو ڪو فصل ڦٽي نه سگهيو،
جيتوڻيڪ هي فلاسفي طبقو ظاهري طور تي مذهب جو منڪر نه هو ليڪن عملي طور تي بيڪار شئي سمجهندو هو ۽ بنيادي طور تي ارسطو ۽ افلاطون وانگر صرف عقل جي ڪامل برتري جو قائل هو، هي طبقو فلسفي کي دين جي برابر هڪ جدا ۽ مڪمل ضابطہ حیات تصور ڪندو هو، نه صرف طبيعيات فلڪيات سياسيات، اخلاقيات، کان وٺي عقائد ۽ روحانيت تائين انهن جي نزديڪ فلسفو ئي ڪامل رهنماء هو، جيئن جيئن ماڻهن ۾ فلسفيانه علم جي رغبت وڌندي وئي تيئن تيئن خدا، رسول، مذهب، ۽ شريعت جي وقعت دلين مان رخصت ٿيندي وئي ۽ عملي زندگي ۾ ڀي گمراهي عام ٿي وئي،
ڪتاب نظرياتي جنگ جا محاذ
سنڌيڪار حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري
Comments
Post a Comment