تقريظِ ختم نبوت
حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري
الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان، جنهن جي توفيق سان ختم نبوت ڪورس جو سنڌيءَ
ٻوليءَ ۾ ترجمو مڪمل ڪيو، هي ڪتاب مولانا سعد ڪامران حفظه الله اردو ۾
لکيو آهي، ڪجهه عرصو پهريون سوشل ميڊيا تي مولانا صاحب سان ختم نبوت جي موضوع تي
ڳالھ ٻولھ ٿي هئي، آءُ اردو ٻوليءَ ۾ ختم نبوت جي حوالي سان ڪم ڪندو هئس مولانا
صاحب چيو ته حافظ صاحب ختم نبوت جي مسئلي تي اردو ٻوليءَ ۾ ايتري محنت ٿي آھي
جيڪا اوهان جي سوچ کان به مٿي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ محنت نه هئڻ جي برابر ته نٿا
چئي سگهون پر قاديانن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ان لاءِ توهان کي هڪ ڪتاب ڏيون ٿا
جنهن جو آسان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ڏيو ۽ ڪتاب جي اشاعت جو بار اسان کڻون ٿا،
هن ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ جي ضرورت ان لاءِ پئي اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن
علائقن ۾ خاص ڪري حيدرآباد، سانگهڙ، ٽنڊو الهيار ڪراچي جي علائقن ۾ قادياني
ارتدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن ۽ ڪجهه رپورٽن جي مطابق غير مسلم غريب گهراڻن جا
هندو قاديانن کي مسلمان سمجهي ۽ قاديانيت کي اسلام سمجهي قاديانن پاران پئسي جي
ڏنل لالچ ۾ اچي هڪ ڪفر ڇڏي ٻيو ڪفر اختيار ڪن پيا، ضرورت پئي ته هن ڪتاب جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري عام ڪيو وڃي، جيئن ڀٽڪيل سئين واٽ وٺن، جڏهن ترجمو شروع ڪيو ۽
سورنهن سبق لکي پورا ڪيم، ان وچ ۾ پنهنجي چاچا سائين استاد حافظ حفيظ الله
سومرو ۽ مولانا سليم الله چوهاڻ حفظه الله سان شڪارپور ۾ ملاقات ٿي جن ترجمو ڏسي
تمام گهڻي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيائون پٽ هي ڪم نه ڇڏجان هن کي پورو ضرور ڪجان،
تاريخ 20 مئي 2022ء تي ترجمو شروع ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان 10 آڪٽوبر
2022ء تي عصر جي وقت پورو ڪري نظر ثاني لاءِ حضرت مولانا ابو چوھاڻ سليم الله
سنڌي حفظه الله اڳيان پيش ڪيو، عقيده ختم نبوت جي سڃاڻ ۽ ان تي ايمان آڻڻ مسلمانن
جو فرض آهي، عقيده ختم تي اسان مسلمانن جو ڪامل ايمان آهي ته حضور اڪرم ﷺ الله
تعاليٰ جو آخري نبي ۽ رسول آهي، حضور اڪرم ﷺ کان پوءِ قيامت تائين ٻيو ڪو
نبي نه ايندو، نه ڪو ڪتاب نازل ٿيندو، نه ڪا نئين شريعت ايندي، نبوت و رسالت ۽
وحي جو سلسلو الله تعاليٰ پنهنجي محبوب محمد ﷺ مٿان ختم ڪري ڇڏيو، نبوت جو سلسلو
حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿيو ۽ سرور ڪائنات شافع محشر خاتم النبيين حضور
اڪرم ﷺ جن تي الله تعاليٰ ختم ڪري ڇڏيو، هاڻي تا قيامت ڪو نئون نبي نه ايندو ۽
نبوت جي دعويٰ ڪندڙ ڪوڙو ڪذاب ۽ دجال آهي، عقيده ختم نبوت مسلمانن جو اجماعي
عقيدو آهي، جنهن جو انڪار ڪرڻ دائره اسلام مان خارج ڪري ٿو، حضور اڪرم ﷺ جي دور
کان مرزا غلام احمد قادياني تائين ڪجهه اهڙا بد بخت انسان ظاهر ٿيا جن ڪوڙي نبوت
جي دعويٰ ڪئي ۽ اهڙن فتنن جو هر دور ۾ هر محاذ تي صحابه ڪرام رضوان الله عليهم
اجمعين ۽ بزرگان دين مقابلو ڪيو آهي ۽ اڄ به امت مسلمه جا عالم فتنه قاديانيت
خلاف ميدان عمل ۾ بر سر پيڪار آهن ۽ جيستائين منڪرين ختم نبوت موجود آهن تيستائين
انهن سان هر محاذ تي مهاڏو اٽڪائبو، هن ڪتاب کي چئين وڏن بابن ۽ انهن بابن جي تحت
چاليهه سبقن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، پهرين باب ۾ ختم نبوت جي عقيدي جو بيان آهي،
پهرين باب اندر ڏھ سبق آهن جنهن ۾ تفصيل سان عقيده ختم نبوت جي تعريف، عقيده ختم
نبوت جي اهميت. عقيده ختم نبوت جو قرآن ۽ حديث مان ثبوت ۽ منڪرين ختم نبوت
قاديانن کي قرآن ۽ حديث مان باطل شڪ و شبهن جا تفصيل سان جواب ڏنا ويا آهن.
ٻيو باب مسئله رفع و نزول سيدنا عيسيٰ عليه السلام جي بيان ۾ آهي، ان باب ۾ به ڏھ
سبق آهن جنهن ۾ ان مسئلي جي باري ۾ يهودين عيسائين ۽ قاديانن جا عقيدا ٻڌائڻ سان
گڏوگڏ انهن جي باطل عقيدن کي دليلن سان رد پڻ ڪيو ويو آهي، ۽ گڏوگڏ رفع و نزول
سيدنا عيسيٰ عليه السلام کي قرآن ۽ حديث مان به ثابت ڪيو ويو آهي، ان کان سواءِ
ڪجھ امت جي بزرگن تي قادياني الزام هڻندا آهن ته نعوذبالله اهي سيدنا عيسيٰ عليه
السلام جي وفات جا قائل آهن، انهن الزامن جا به تفصيل سان جواب ڏنا ويا آهن، ان
سان گڏ هن باب جي اهم ڳالھ هي آهي ته ان جي آخري سبق ۾ چوڏهن صدين جي ان بزرگان
امت جا نالا ڏنا ويا آهن، جن جو عقيدو رفع و نزول سيدنا عيسيٰ عليه السلام سندن
ڪتابن ۾ موجود آهي.
ٽيون باب، قاديانن ۽ اسان جي وچ ۾ ٽين وڏي اختلافي موضوع امام مهدي عليه الرضوان
جي شخصيت جي باري ۾ آهي هن باب ۾ اٺ سبق آهن، جن مان ڇهه سبق امام مهدي جي شخصيت
جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ کان پوءِ قاديانن پاران پيش ڪيل روايتن جا تفصيل سان
جواب ڏنا ويا آهن، جنهن کي هو پنهنجي موقف جي تائيد ۾ پيش ڪندا آهن، ان سان گڏ ٻن
سبقن ۾ دجال جي باري ۾ قاديانن جي نظريي جي جو به جائزو ورتو ويو آهي، چوٿين باب
۾ نبوت جي ڪوڙي دعويدار مرزا غلام احمد قادياني جي شخصيت، دعوائون، پيشنگويون ۽
مرزا صاحب پاران قرآن ڪريم، حديث مبارڪ، صحابه ڪرام رضوان الله عيلهم اجمعين،
سيدنا عيسيٰ عليه السلام مٿان ڳالهايل ڪوڙن جو جائزو ورتو ويو آهي، ان کان سواءِ
مرزا صاحب جي طرفان الله تعاليٰ، حضور اڪرم خاتم النبيين ﷺ، انبياء ڪرام عليه
السلام، ۽ صحابه ڪرام رضي الله عنه جي شان ۾ ڪيل گستاخين کي بيان ڪرڻ سان گڏ مرزا
صاحب کي معيار نبوت ۽ مسيح موعود جي علامتن مٿان به پرکيو ويو آهي، ان سان گڏ
آخري ٻن سبقن ۾ قاديانن جي غير مسلم هئڻ جا اٺ وڏا سبب بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ موجوده
معاشري ۾ قاديانن جي سڃاڻپ جون ڪجھ نشانيون به ٻڌايون ويون آهن ته جيئن مسلمان
قاديانن کي سڃاڻي ڪري انهن جي فتني کان محفوظ رهي سگهن.
ڌڻي در دعا آهي ته هي محنت قبول و منظور فرمائي ۽ بررز محشر شفاعت نصيب فرمائي،
آمين،
۽ هي محنت پنهنجي والدين جي نانءُ ڪريان ٿو جن اُمي هئڻ جي باوجود مونکي ديني ۽
دنياوي تعليم جي زيور سان سينگاريو،
سنڌيڪار حافظ سراج احمد سومرو شڪارپوري
Comments
Post a Comment