شيخ الهند مولانا محمود الحسن ديوبندي رحمه الله
تعارف حيات و خدمات شیخ الھند حضرت مولانا محمود الحسن دیوبندي رحمہ اللہ پیدائش ۽ تعلیم : متحدہ ھندستان جو متفق قائد اعظم اسير مالٽا، ۽ باني تحريڪ ريشمي رومال و تحريڪ خلافت، ۽ تحريڪ ترڪ موالات، شيخ الحديث شیخ الھند حضرت مولانا محمود الحسن دیوبندي رحمۃ اللہ علیہ 1268ھ مطابق 1851ء بمقام بریلي ۾ پیدا ٿيو، جتي سندس والد گرامي مولانا ذوالفقار علي دیوبندي ملازمت جي ڪري مقيم هئا، سندن سلسلہ نسب حضرت سيدنا عثمان غني ذوالنورين سان ملي ٿو، حضرت شيخ الهند ڇهن سالن جي عمر ۾ ابتدائي تعليم شروع ڪيائين، قرآنِ ڪريم میان جي منگلو ۽ میان جي مولوي عبدالطیف وٽ پڙهيائين، فارسي ۽ عربي جا ڪتاب پنھنجي چاچي مولانا مھتاب علي وٽ پڙهيائين، دارلعلوم دیوبند جي ابتداء ۽ حضرت شيخ الهند جي طالب علمي : حضرت شیخ الھند جي عمر پندرہ سال هئي ته 15محرم1683ھ 30مئي 1866ء ۾ دیوبند جي شهر ۾ هڪ عربی مدرسو قائم ڪيو ويو، باني دارالعلوم ديوبند حضرت مولانا محمد قاسم نانوتوي جي تجویز سان ملا محمودصاحب کي مدرسہ جو پھريون استاد مقرر ڪيو ويو، دیوبند جي مشهور مسجد ڇته ۾ میں تعلیم ج...