Posts

Showing posts from January, 2024

راشد محمود سومرو سنڌ جو مستقبل

 دنيا جي هر خطي هر ملڪ هر شهر ۾ اهڙا ماڻهون ڄمندا آهن جيڪي پنهنجي ڌرتي پنهنجي وطن پنهنجي ملڪ لاءِ هڪ تاريخ رقم ڪري ويندا آهن جنهن تي تاريخ پڻ ناز ڪندي آهي، باب الاسلام سنڌ اهڙن ڪردارن ۽ اهڙين شخصيتن سان ڀري پئي آهي، اهڙن ئي شخصيتن مان هڪ شخصيت جناب محترم راشد محمود سومرو صاحب آهي، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي فرزند جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، راشد محمود سومرو صاحب شهيد سنڌ شهيد اسلام علامہ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو رحمہ اللہ جي گهر ۾ اک کولي ۽ سندس تربيت  شهيد والد صاحب جن ڪئي، سندس والد صاحب جو ڪردار سنڌ ڌرتيءَ جي اهڙن ماڻهن منجهان ٿئي ٿو جن سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندي پاڻ ملهايو آهي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي هميشه لاءِ ارپي ڇڏيو هو، ۽ سندس فرزند راشد محمود سومرو صاحب به پنهنجي والد محترم جي نقش قدم تي هلندي سنڌ جي خدمت جي لاءِ پاڻ کي ميدان تي لاٿو آهي، راشد صاحب سنڌ جي غريب عوام جيتري خدمت ڪئي انھيءَ لاءِ جيتري ساراه ڪجي سا گهٽ آهي، ٻوڏ متاثر هجن يا سيلاب متاثر، وٽس جيڪو مدد لاءِ لڙي ويو آهي سو ڪڏهن خالي نه موٽيو آهي، سنڌ جي هر مسئلي تي راشد صاحب هڪ بهترين ۽ مضبوط موقف ۽ نظريو رکندڙ آهي، ۽ هن...